سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي کي وڌيڪ پيشه ور بڻائڻ ۽ تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي تدريسي لائسنس ٽيسٽ کي مستقبل ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ اهو فيصلو سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊيولپمينٽ اٿارٽي (STEDA) جي 19هين بورڊ اجلاس کان پوءِ سامهون آيو، جنهن جي صدارت تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ ڪئي۔ هن فيصلي تحت هاڻي صرف اهي اميدوار استادن جي نوڪرين لاءِ اهل قرار ڏنا ويندا، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪري ٽيسٽ پاس ڪندا۔
هي سڌارو تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته سنڌ 2023ع ۾ تدريسي لائسنس پاليسي متعارف ڪرائيندڙ پاڪستان جو پهريون صوبو بڻيو۔ اها پاليسي آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ (AKU-IED) ۽ دربين جهڙين ادارن سان صلاح مشورن بعد تيار ڪئي وئي، جنهن جو مقصد تدريسي پيشو معياري بڻائڻ هو۔
سنڌ جي سرڪاري تعليمي نظام کي سالن کان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن ۾ شاگردن جي گهٽ سکيا جا نتيجا، استادن جي صلاحيتن ۾ کوٽ ۽ تدريسي طريقن ۾ غير تسلسل شامل آهن۔ ڪيترائي استاد بغير ڪنهن معياري جاچ جي ميدان ۾ اچي ويا، جنهن سبب ٻڌل تعليم، شاگردن جي گهٽ دلچسپي ۽ بنيادي مهارتن ۾ ڪمزوري جهڙا مسئلا پيدا ٿيا، خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾ تدريسي لائسنس پاليسي 2023ع انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏني وئي، جنهن جو مقصد استادن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پيشه ور معيار مقرر ڪرڻ آهي، بلڪل جيئن طب، انجنيئرنگ ۽ قانون ۾ لائسنسنگ هوندي آهي۔ حڪومت جو خيال آهي ته ان سان تدريسي شعبي ۾ باصلاحيت نوجوانن کي راغب ڪيو ويندو ۽ استاد جي حيثيت کي سماج ۾ وڌيڪ عزت ملندي۔
هن پاليسي تحت تدريسي لائسنس ٽن درجن ۾ جاري ڪيا ويندا: پرائمري لائسنس، جيڪو ايسوسيئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن (ADE) رکندڙن لاءِ آهي ۽ گريڊ 1 کان 5 تائين پڙهائڻ جي اجازت ڏئي ٿو؛ ايليمينٽري لائسنس، جيڪو بي ايڊ (B.Ed) ڊگري رکندڙن لاءِ آهي ۽ گريڊ 1 کان 8 تائين پڙهائڻ لاءِ هوندو؛ جڏهن ته سيڪنڊري لائسنس بي ايڊ رکندڙن کي گريڊ 6 کان 12 تائين پڙهائڻ جي اجازت ڏيندو۔ مطلب تـ هن پاليسيءَ تحت لائسنسن کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي۔ پرائمري لائسنس ADE ڊگري رکندڙن لاءِ (درجي پھرئين کان پنجين تائين). ايليمينٽري لائسنس B.Ed (چار ساله يا 2.5 ساله) رکندڙن لاءِ (درجو پھرئين کان اٺين تائين). سيڪنڊري لائسنس B.Ed (چار ساله يا 1.5 ساله) رکندڙن لاءِ (درجو ڇھين کان ٻارھين تائين). موجوده استاد به پنهنجي قابليت ۽ تجربي مطابق هن لائسنس لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا۔ تدريسي لائسنس ٽيسٽ هڪ آزاد اداري ذريعي ورتي ويندي، جنهن ۾ مضمون جي ڄاڻ سان گڏ تدريسي مهارتون، ڪلاس روم مينيجمينٽ، ٻارن جي نفسيات ۽ جاچ جا طريقا شامل هوندا۔ هاڻي هي ٽيسٽ ڀرتي لاءِ لازمي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته سيڪنڊري سطح لاءِ ايندڙ مرحلو سيپٽمبر 2026ع ۾ متوقع آهي۔
هن پاليسي کي لازمي بڻائڻ جا ڪيترائي اهم سبب آهن۔ پهريون، اهو هر استاد جي بنيادي صلاحيت کي يقيني بڻائي ٿو، جنهن سان غير تيار استادن جي مسئلي تي ضابطو آندو ويندو۔ ٻيو، ميرٽ ۽ شفافيت کي هٿي ملندي، ڇو ته ڀرتيون هاڻي ٽيسٽ جي بنياد تي ٿينديون، جنهن سان سفارشن ۽ سياسي مداخلت ۾ گهٽتائي ايندي۔ ٽيون، تدريسي پيشو هڪ باقاعده مهارت وارو شعبو بڻجندو، جنهن سان قابل نوجوان هن شعبي ڏانهن راغب ٿيندا۔ چوٿون، بهتر استاد شاگردن جي سکيا ۾ نمايان بهتري آڻيندا، جنهن سان مجموعي تعليمي معيار بلند ٿيندو۔ پنجون، هي قدم عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي، جتي استادن لاءِ لائسنسنگ هڪ عام عمل آهي۔
هن پاليسي تي عملدرآمد به شروع ٿي چڪو آهي۔ ايليمينٽري سطح جي ٽيسٽ ڪاميابي سان ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سيڪنڊري سطح جي تيارين جاري آهن۔ حڪومت پراڻين ڊگرين لاءِ برجنگ ڪورسز، مضمونن جي اسپيشلائيزيشن، ۽ ابتدائي ٻارڙن جي تعليم (ECCE) تي به ڌيان ڏئي رهي آهي۔ خانگي اسڪولن کي به آهستي آهستي هن نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن سڄي صوبي ۾ هڪجهڙا معيار قائم ٿي سگهن۔ تنهن هوندي به ڪجهه چئلينجز موجود آهن۔ ابتدائي ٽيسٽن جا نتيجا ڏيکارين ٿا ته استادن جي تربيت ۾ اڃا به کوٽ آهي۔ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ تياري جي سهولتن جو فرق، امڪاني استادن جي کوٽ، ۽ مسلسل پيشه ور تربيت جي ضرورت اهم مسئلا آهن۔ ماهرن زور ڏنو آهي ته خاص طور تي ڳوٺاڻن ۽ عورت اميدوارن لاءِ سهائتا وڌائي وڃي، تربيت ۾ عملي تجربو شامل ڪيو وڃي، ۽ ڪارڪردگي بنياد تي مراعتون ڏنيون وڃن۔
مجموعي طور، تدريسي لائسنس کي لازمي قرار ڏيڻ رڳو هڪ اداري قدم ناهي، پر سنڌ جي مستقبل ۾ هڪ اهم سيڙپڪاري آهي۔ معياري استاد ئي معياري تعليم جو بنياد آهن۔ هن سڌاري سان حڪومت واضح پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جي هر ٻار کي قابل، تيار ۽ ذميوار استاد مليڻ گهرجي۔ جيڪڏهن هن پاليسي کي مناسب تربيت، نگراني ۽ سهولتن سان لاڳو ڪيو ويو، ته اهو قدم سنڌ جي تعليمي نظام ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو ۽ صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔
خواهشمند استادن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو سيپٽمبر 2026ع جي ايندڙ ٽيسٽ لاءِ ڀرپور تياري ڪن، ڇو ته هاڻي تدريسي شعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سنجيدگي، مهارت ۽ محنت لازمي بڻجي چڪي آهي۔