ايران آبناءِ هرمز ۾ وڌيڪ بارودي سرنگهون وڇايون آهن: آمريڪي ميڊيا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس جو چوڻ آهي ته ايراني پاسداران انقلاب  نيوي هن هفتي آبناءِ هرمز ۾ وڌيڪ بارودي سرنگهون وڇايون آهن، هڪ آمريڪي عهديدار ۽ معاملي کان واقف ذريعن موجب ايراني ويب سائيٽ جي مطابق، نئين اڳڀرائي جي خبر پوڻ کان پوءِ، صدر ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن آمريڪي نيوي کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به ايراني ٻيڙي کي نشانو بڻايو وڃي ۽ تباهه ڪيو وڃي جيڪا بنا ڪنهن هٻڪ جي بارودي سرنگهون رکي ٿي. رپورٽ  موجب، آبناءِ هرمز ۾ نئين بارودي سرنگهن جي موجودگي عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي جي بحران کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.