سرائڪين کي ڌرتي، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ کان محروم ڪيو ويو آھي:ظهور ڌاريجا

حيدرآباد( رپورٽر) سرائڪستان وطن پارٽي جي چيئرمين ظهور ڌاريجا پنهنجي وفد سرائڪستان وطن پارٽي سنڌ جي صدر رفيق احمد  پنهور, پاڪستان سرائڪي قومي اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عابد شاڪر, محمد انيس پنھور  سان گڏ  حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪري کيس 14 جون تي محڪوم قومن سان ٿيندڙ قومي جبر خلاف ملتان ۾ ٿيندڙ  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت  جي دعوت ڏني. ان موقعي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان ۾ اندر شامل مظلوم ۽ محڪوم قومن سان قومي جبر هلندڙ آهي ۽ ان جو خاتمو مظلوم ۽ محڪوم قومن جي گڏيل اتحاد سان ٿي سگهي ٿو هن چيو ته سرائڪين سان سنڌين جو  مضبوط ثقافتي ڳانڍاپو آهي اسان پنهنجي وسيلن جي تحفظ ۽ سڃاڻپ لاءِ گڏيل جهدوجهد ڪندا رهيا آهيون. هن يقين ڏياريون ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وفد هن ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ظھور احمد ڌاريجا چيو ته اسان  جي زندگي  محڪوم قومن ۽ طبقن لاء جدوجھد ڪندي گذري آھي ، ھن چيو ته سرائيڪستان سرائڪين جو تاريخي وطن آھي ، اسان کي ڌرتي ، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ کان محروم ڪيو ويو آھي,اسين اھا ٻيھر ڌار  سرائيڪي صوبي جي  شڪل ۾ واپس وٺڻ چاھيون ٿا, عابد شاڪر چيو ته سنڌين ۽ سرائيڪين جو تاريخي ثقافتي ڳانڍاپو آھي، اسان ھر جدوجھد ۾ ھڪ ٻئي سان گڏ آھيون. رفيق خان پنھور چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي سمورين مظلوم قومن جا نمائندا شريڪ ٿيندا،بلوچ اڳوڻ  رئوف خان ساسولي چيو ته ھاڻ وقت اچي ويو  آھي ته انڊس جي تمام مظلوم ھاري مزدور ۽ وچولي طبقي جا نمائندا قومي ۽ طبقاتي جبر خلاف گڏجن . ان موقعي تي سرائڪي وفد قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو  ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ قادر رانٽو کي ڪانفرنس ۾  شرڪت جي دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.