7 ڌرين جي خوني تڪرار جي جرڳي جي فتويٰ، ڌرين مٿان 30 ڪروڙ کان مٿي ڏنڊ

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو/ سيد نعيم شاھ)سکر سرڪٽ هائوس ۾ ست ڌرئي خوني تڪرار جو جرڳو ٿي گذريو, جرڳو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو، اهڙو جرڳو سردار علي گوهر خان مهر، سردار ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، غوث بخش خان مهر، سردار مير عابد حسين خان جتوئي، شهريار خان شر، حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ علي انور مهر جي سربراهي ۾ ٿيو، چاليھ ورهين کان هلندڙ شر، ڪوش، تڙت، سيلرا، ماڇي، ڀٽا ۽ ڌونڌو برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، جرڳي ۾ ڇڄڻ ۽ مهر برادري جا پڻ خون ثابت ٿيا، مجموعي طور ڌرين جا 84 قتل ۽ 79 زخمي ثابت ٿيا جنهن جو ڌرين تي 30ڪروڙ 55 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڌريون ٽن قسطن ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ جون پابند هونديون،گذريل رات دير سان ٻڌايل فتويٰ موجب عام ماڻهن ۽ وڏيرن جي خون جي الڳ الڳ رقم مقرر ڪئي وئي، عام ماڻهو جي في قتل جا 25 لک رپيا، شرن جي عورت جا 50 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته شهريار خان شر تي حملي ۾ مارجي ويل وڏيرن علي محمد ۽ وڏيري عمر شر جي خونن جا 50-50 لک روپيا ڏنڊ سيلرا برادري تي وڌو ويو، اهڙي طرح وڏيري دين محمد شر ۽ وڏيري ممتاز ڇڄڻ جي خونن جا 35-35 لک روپيا عيوضو مقرر ڪيو ويو ، سردار شھريار خان شر تي حملي جو ڏنڊ 25 لک رپيا سيلرا برادري تي مقرر ڪيو ويو. جڏھن سيلرا ميڙ ڪري تڏو پڻ بخشرائيندا آئيندا لاءِ اڳرائي ڪندڙ تي 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، جرڳي جي فتويٰ کانپوءِ ڌريون ڀاڪر پائي ۽ خير جي دعا گهري پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿي ويون، جرڳي جي اعلان کانپوءِ سڀني ڌرين هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ٺاهه ڪيو، خير جي دعا  گهري ۽ روايتي طور کير ۽ کنڊ کارائي خوشي جو اظهار ڪيو، هن فيصلي کي سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن جي بحالي طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي۔ان موقعي تي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته انصاف الله جي گهر ۾ آهي اسان ڌرين ۾ سڌارا ڪري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.