اسلام آباد/تهران/ واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران سان ڳالهين لاءِ آمريڪي وفد جو اڄ واشنگٽن کان اسلام آباد روانو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽياڪڙ ٽيم سان ڳالهين جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کان اڳ پاڪستاني حڪومتي ذريعن طرفان ڄاڻايو ويو هو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ مختصر ٽيم سان گڏ اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا-ايران ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن وڏي اڳڀرائي (بريڪ ٿرو) جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.