لاڙڪاڻو (بيورو ) جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳوڻي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته پيپلز پارٽي لاڳيتو 17 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ جي عوام کي امن، انصاف ۽ خوشحالي ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي هن وڪيل برادري جي جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته آمريت جي دور ۾ جمهوريت ۽ عدليا جي آزادي لاءِ وڪيلن جو ڪردار مثالي رهيو آهي، هاڻي به اهڙي ڪنهن به آئيني ترميم خلاف وڪيلن کي وڙهڻو پوندو جيڪا بنيادي انساني حقن سان ٽڪرائجي ٿي.