ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ نوجوان کان هٿيارن جي زور تي نه رڳو قيمتي سامان پر ڊيجيٽل ڪرنسي پڻ لٽي وئي آهي. تفصيل موجب نوجوان اربع جي رات لاهور وڃڻ لاءِ آن لائن ٽيڪسي ذريعي ايئرپورٽ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ پيٽرول پمپ تان ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار 4 هٿياربندن کيس اغوا ڪيو.هٿياربندن نوجوان کي هڪ ڪلاڪ تائين گاڏي ۾ گهمائيندا رهيا ۽ ان دوران سندس ڊيجيٽل اڪائونٽ مان 8 هزار 600 ڊالر ڪڍي ورتا.ڊالرن کان علاوه جوابدارن نوجوان کان موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان پڻ کسي ورتو.جوابدارن نوجوان تي تشدد ڪرڻ بعد کيس ڪورنگي واري علائقي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.نوجوان جي والد ريحان جو الزام آهي ته ايئرپورٽ ٿاڻي اڃا تائين واقعي جي درخواست به وصول ناهي ڪئي. ٻئي طرف ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جو چوڻ آهي ته کيس واقعي بابت معلومات ناهي، هو لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائي صورتحال واضح ڪندو.