لياري ۾ عمارت جي تڪڙي تعمير وارو معاملو ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي اٿندڙ سوال

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ رڳو ستر ڏينهن جي مختصر عرصي اندر ست ماڙ عمارت جي تعمير ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچڻ سان نه رڳو شهري حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي آهي، پر هن واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي سوال به اٿاري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب آگرا تاج ۾ مرزا آدم خان روڊ تي پلاٽ نمبر 25 تي تعمير ٿيل عمارت نه صرف قانوني ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي اڏي وئي، پر ان ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جا به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، جيڪو انساني جانين لاءِ ڪنهن به وقت وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

شهر ۾ جتي به نظر وجهجي ته بي تربيت عمارتون ۽ اضافي ماڙ نظر ايندا، جيڪڏهن هڪ عام شهري به غيرقانوني تعمير کي سڃاڻي سگهي ٿو ته پوءِ ايس بي سي اي جا ذميوار آفيسر ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڇا اهي واقعي بي خبر آهن يا وري سندن اکيون ۽ وات ڪرايا ويا آهن؟ لياري واري هن معاملي ۾ ته واضح طور چيو پيو وڃي ته نه رڳو عمارت غيرقانوني آهي پر ان ۾ ناقص مٽيريل پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ ڪراچي ۾ اهڙا ڪيترائي المناڪ حادثا ٿي چڪا آهن جتي عمارتون ڊهي پيون ۽ بيگناهه ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا، اهڙي ئي نوعيت جو حادثو لياري  جي علائقي عمر آباد ۾ فدا حسين شيخالي روڊ تي واقع  هڪ بلڊنگ ڪرڻ سبب ڪجهه مهينا اڳ پيش اچي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون.

سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي به هن معاملي ۾ مايوس ڪن آهي۔ حڪومت جو ڪم حادثن جو کان پوءِ صرف بيان ڏيڻ يا عدالتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ ناهي هوندو پر شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ به آهي۔ جيڪڏهن حڪومتي مشينري متحرڪ هجي ها ته اهڙي عمارت جي تعمير شروعاتي مرحلي ۾ ئي روڪي وڃي ها۔ پر جڏهن ادارا پنهنجو فرض وساري ويهندا آهن ته پوءِ اهڙيون خطرناڪ عمارتون ٺهنديون آهن ۽ انساني زندگيون داءُ تي لڳي وينديون آهن. ان معاملي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ۽ لينڊ ڊپارٽمينٽ  جي ڪارڪردگي به وائکي ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته زمين جي الاٽمينٽ کان وٺي تعمير تائين هر مرحلي تي انهن ادارن جي ذميواري  هوندي آهي ته قانون تي عمل ڪرائين، پر هتي هر ادارو پنهنجي ذميواري ايماندداري سان نڀائڻ بدران ان سسٽم جو ڄڻ ته حصو بڻجي  ويندا آهن، جنهن ڪري شهر ۾ غير قانوني ۽ غير ترتيب اڏاوتون  ٿينديون آهن.

حقيقت اها آهي ته ڪراچي ۾ تعميراتي مافيا هڪ منظم نيٽ ورڪ بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ سرڪاري آفيسر، بلڊر ۽ ڪجهه سياسي عنصر به شامل آهن۔ هي مافيا نه رڳو شهر جي ڍانچي کي تباهه ڪري رهي آهي، پر هزارين ماڻهن جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهي آهي، جيستائين هن مافيا خلاف بي رحم ڪارروائي نه ٿيندي، تيستائين ماضي ۾ پيش آيل خطرناڪ حادثن جو ورجاءُ ٿيندو رهندو.

هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳو پهلو اهو به آهي ته شهر ۾ تعمير ٿيندڙ عمارتن تي مزدورن جي حفاظت لاءِ ڪو به مناسب انتظام ٿيل نظر ناهي ايندو، نه هيلمٽ، نه سيفٽي بيلٽ وغيره. مزدور پنهنجين جاني خطري کي نظرانداز ڪري اوچين عمارتن تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن۔ نتيجي طور هر سال ڪيترائي بيگناهه مزدور بلڊنگن تان ڪري فوت ٿي وڃن ٿا يا سڄي عمر لاءِ معذور بڻجي ويندا آهن، پر انهن حادثن جي نه ڪا صحيح جاچ ٿئي ٿي ۽ نه ئي ذميوارن خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ ايندي آهي، انساني جان جي اهڙي بي قدري ڪنهن به مهذب سماج لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي ۽ اها صورتحال به ساڳئي بدانتظامي ۽ لاپرواهيءَ جو نتيجو آهي، جنهن جا ذميوار رڳو بلڊر نه پر لاڳاپيل سرڪاري ادارا پڻ آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست هڪ مثبت قدم ضرور آهي، پر صرف عدالتن تي ڀاڙڻ ڪافي ناهي۔ انتظامي ادارن کي پاڻ اڳتي اچي اهڙين بي ضابطگين کي روڪڻو پوندو۔ هن واقعي کي مثال بڻائي سڄي شهر ۾ غيرقانوني تعميرن خلاف وسيع پيماني تي ڪارروائي ڪئي وڃي۔ اهڙيون عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔

ساڳئي وقت تعميراتي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ به ضروري آهي۔ هر عمارت جي منظوري، ڊيزائن ۽ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي جانچ کي يقيني بڻايو وڃي۔ جيڪڏهن ڪو آفيسر پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿئي ته ان خلاف به سخت قدم کنيا وڃن۔ صرف بلڊرن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ ڪافي ناهي، پر انهن سرڪاري اهلڪارن کي به سزا ڏيڻ ضروري آهي جيڪي پنهنجي فرائض ۾ غفلت ڪن ٿا۔ لياري جي اها عمارت هڪ خطرناڪ لاڙي جي علامت آهي۔ جيڪڏهن ان معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته مستقبل ۾ اهڙا ڪيترائي سانحا جنم وٺي سگهن ٿا، جن جو ازالو ممڪن نه هوندو۔  سو اهو چوڻ ضروري آهي ته ڪراچي جهڙي ڳتيل آبادي واري شهر ۾ اهڙيون غيرقانوني عمارتون ڪنهن به وقت ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.