ملڪ ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي جي وڪڙ ۾، 15 مهينن ۾ ٻه هزار ڪيس، سنڌ وڌيڪ متاثر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي ڪيس وڌي رهيا آهن، گذريل 15 مهينن  دوران پاڪستان ۾ 2,000 کان وڌيڪ ٻارن ۾ انساني مدافعتي وائرس ايڇ آءِ وي جي نشاندهي ٿي آهي، سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي. صحت جي وفاقي وزارت جي ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ موجب، ايڇ آءِ وي سان متاثر ٿيل ٻارن ۾ 1,274 ڇوڪرا ۽ 834 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته سنڌ ايڇ آءِ وي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي گذريل 15 مهينن دوران 1,515 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي. سنڌ ۾ 2025 دوران 1,186 ٻار متاثر ٿيا ۽ 2026 جي پهرين 3 مهينن ۾ 329 ٻار متاثر ٿيا، سي ايم يو جي عملدارن موجب، پنجاب فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي، جتي 2025 دوران 418 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، ساڳي طرح، خيبر پختونخوا ۾ 111 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي رپورٽ ٿي، جتي 2025 ۾ 90 ڪيس ۽ 2026 جي پهرين 3 مهينن ۾ 21 ڪيس رپورٽ ٿيا. سي ايم يو جي عملدارن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 38 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي، 2025 ۾ صوبي ۾ 33 ۽ 2026 جي پهرين 3 مهينن ۾ 5، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 22 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 2025 ۾ 17 ۽ 2026 ۾ 5 وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا.  ان کان علاوه، آزاد ڪشمير ۾ 3 ٻار ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ ٻار ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي.

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جا ڪيس تيزي سان  وڌڻ ڪري حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن ۾ پڻ ڳڻتي پکڙجي وئي، حيدرآباد ضلعي ۾ جيتوڻيڪ نون ڪيس ۾ ڪو خاص واڌارو ناهي آيو پر ماضي ۾ حيدرآباد جي ٻهراڙي واري تعلقي ۾ ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا هئا جن ۾ وڌيڪ انگ ٻارڙن جو هو ميرپورخاص ۽  شهيد بينظيرآباد ۾ هن وقت تائين سوين ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب حيدرآباد به ايڊز پکڙجڻ جو  خدشو وڌي ويو، هوڏانهن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ سال 2026 جي پهرين ٽن مهينن دوران مجموعي طور 894 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. جن ۾ وڏي انگ ۾ ٻار شامل آهن، رپورٽ موجب جنوري کان مارچ تائين رجسٽر ٿيل ڪيسن ۾ 329 ٻار (14 سالن کان گهٽ عمر) شامل آهن، جڏهن ته باقي ڪيسن ۾ 332 مرد، 204 عورتون ۽ 29 ٽرانسجينڊر شامل آهن. مهيني وار انگن اکرن موجب جنوري سال 2026 ۾ 294، فيبروري ۾ 324 ۽ مارچ ۾ 276 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته بيماري مسلسل وڌي رهي آهي، صحت جي ماهرن موجب هن واڌ جو وڏو سبب غير محفوظ طبي طريقا آهن جن ۾ استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال، غير محفوظ انجيڪشن ۽ آلودہ رت جي منتقلي شامل آهي، اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صحت بابت ماهرن خبردار ڪيو آهي ته حيدرآباد لاڙڪاڻو، قمبر ۽ شهدادڪوٽ سميت ڪيترائي علائقا وڌيڪ خطري واري زون ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڇو ته اتي اڳ به اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيندا رهيا آهن.

ايڊز جو خطرو، مسو ڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڻهو خوف ۾ ورتل

مسو ڀرڳڙي (ن ع آ) حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ ماضي ۾ تمام گهڻا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. هڪ رپورٽ موجب  مسوڀرڳڙي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سال 2018 ۽ 2019 دوران ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ مهم دوران 140  کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جيڪي ڪجهه ڏينهن دوران وڌندي ڪيسن جو انگ 200 کان مٿي تائين پهچي ويو هو، هڪ ڏينهن جي ڪيمپ ۾ 230 ماڻهن جي چڪاس دوران 30 نوان پازيٽو ڪيس سامهون آيا هئا، ايڇ آءِ وي ايتري پکڙجي وئي جو مسوڀرڳڙي سان گڏ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس پازيٽو آيا هئا م متاثر مريضن ۾ ٻارڙن جو انگ وڌيڪ هو، جڏهن ته  ڪيترائي مرد ۽ عورتون به هن مرض ۾ مبتلا ٿي ويا هئا، ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو سبب سرنج جو بار بار استعمال، غير محفوظ رت جي منتقلي ۽ غير محفوظ ميڊيڪل طريقا. غير محفوظ جنسي لاڳاپا ۽ حجامن وٽ غير صاف اوزارن جو استعمال ٻڌايو ويو هو. تنهن ڪري هتان جا ماڻهو سنڌ ۾ ايڊز جا ڪيس وڌڻ ڪري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ۾ جعلي ليباٽرين خلاف ڪارروائي نه ٿي!

ميرپورخاص/نوابشاهه: شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ ايڊز تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن ڪري ماڻهو خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، صحت  کاتي جي رپورٽ موجب سال 2025 جي آخر ۾ هن ضلع اندر 100 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا. جڏهن ته جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2026 وارن ٽن مهينن ۾ 100 کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، ايڇ آءِ وي جي تيزي سان پکڙجڻ جا خاص سبب غير قانوني بلڊ بينڪ، عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۾ علاج ڪرائڻ، هڪ ئي سرنج کي بار بار استعمال ڪرڻ ۽ غير محفوظ رت جي منتقلي ٻڌايو پيو وڃي، ايڇ آءِ وي جي تيزي سان وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ جيتوڻيڪ صحت کاتي جي ضلعي انتظاميا نوٽيس ورتو ۽ جعلي ۽ غير قانوني ليبارٽرين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي پر ان جي باوجود ايڇ آءِ وي تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ ماڻهو ان بيماري ۾ تيزي سان وٺجي رهيا آهن، ميرپورخاص ضلعي ۾ ٻن سالن دوران ايڇ آءِ وي/ايڊز جي ڪيسن بابت جاري ڪيل گڏيل رپورٽ موجب سال 2024ع جي آخري ٽن مهينن دوران آڪٽوبر ۾ 94، نومبر ۾ 21 ۽ ڊسمبر ۾ 12 مريض رجسٽرڊ ڪيا ويا، جڏهن ته سال 2026ع جي شروعاتي چئن مهينن ۾ به ڪيس رپورٽ ٿيندا رهيا، جنوري مهيني دوران 15 نوان ايڇ آءِ وي پازيٽو مريض سامهون آيا، فيبروري ۾ اهو انگ 10 رهيو، جڏهن ته مارچ مهيني ۾ ٻيهر واڌ سان 15 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ اپريل مهيني دوران رڳو 3 ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن سان تازي مهينن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، رپورٽ ٿيل عرصي دوران مجموعي طور 170 ڪيس سامهون آيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.