ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيل مل مان اربين رپين جي منظم چوري جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي مليل شڪايت تي ايف آءِ اي فوري جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ شروعاتي جاچ دوران اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا، جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته اسٽيل مل مان قيمتي مشينري، ڪيبلز، اسڪريپ مواد ۽ ٻيو اهم انفراسٽرڪچر بنا ڪنهن گيٽ پاس جي مسلسل ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪو سيڪيورٽي ۽ ڊي ايس ايف اهلڪارن جي غفلت يا امڪاني ملي ڀڳت ڏانهن واضح اشارو ڪري ٿو، وڌيڪ اهو به سامهون آيو آهي ته 36 ٽن سرڪاري مواد سان ڀريل 22 ويلر ٽريلر جي برآمدگي هن منظم نيٽ ورڪ جي وڏي وسعت کي ظاهر ڪري ٿي.