نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي اداڪارا ديويانڪا سيروهي 30 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ديويانڪا سيروهي کي سومر جي رات (21 اپريل) اتر پرديش ۾ پنهنجي گهر ۾ اوچتو دل جو دورو پيو، گهرڀاتي کيس فوري طور ويجهي اسپتال کڻي ويا جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.
اداڪارا جي ڪهملي وڇوڙي شوبز انڊسٽري کي گهري صدمي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، مختلف فنڪارن سوشل ميڊيا تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
ٻئي پاسي سندس موت جي حوالي سان اڃا تائين سندس گهرڀاتين طرفان ڪو به باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته ديويانڪا جو تعلق اتر پرديش سان هو ۽ هوءَ غازي آباد ۾ پنهنجي والدين ۽ ڏاڏي سان گڏ رهندي هئي.
هن علائقائي شوبز انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ گلوڪار معصوم شرما سان گڏ ڪيترن ئي گيتن ماڊل طور ڪم ڪيو.
سوشل ميڊيا تي به سندس وڏي انگ ۾ فين فالوئنگ هئي، سندس انسٽاگرام فالوورز جو انگ 13 لک کان وڌيڪ هو.
ديويانڪا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽڪ ٽاڪ تان ڪئي، جتي سندس هڪ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ کيس شهرت حاصل ٿي هئي.