”مان پاڪستاني نوجوانن وٽان سکي رهيو آهيان، هو مونکي سڀ ڪجهه سيکاري رهيا آهن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر اسٽيو سمٿ پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي کي شاندار تجربو قرار ڏيندي چيو آهي ته هو هتي پنهنجي وقت مان ڀرپور لطف اندوز ٿي رهيو آهي.
اڱاري تي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ ملتان سلطانز راولپنڊيز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 2 اهم پوائنٽس حاصل ڪري ورتا ۽ ٽيبل تي ٻئين نمبر تي پهچي وئي.
راولپنڊيز خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ سمٿ چيو ته گذريل هڪ مهينو ملتان سلطانز سان گڏ تمام سٺو گذريو آهي ۽ ٽيم شاندار ڪرڪيٽ پيش ڪئي آهي.
اوپننگ جي ڪردار بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي پوزيشن سندس راند جي انداز موجب آهي ڇو ته ان ۾ پاور پلي دوران وڌيڪ موقعو ملي ٿو.
سمٿ پي ايس ايل کي هڪ مضبوط ۽ باصلاحيت ليگ قرار ڏيندي چيو ته هتي هر ٽيم ۾ معياري رانديگر موجود آهن ۽ ڏاڍو سخت مقابلو آهي.
ملتان سلطانز جي نوجوان رانديگرن جي حوالي سان هن دلچسپ انداز ۾ چيو ته ”مان پاڻ نوجوانن مان سکي رهيو آهيان، هو مونکي سڀ ڪجهه سيکاري رهيا آهن.“
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان رانديگر مشورو چاهي ته هو هميشه مدد لاءِ موجود آهي.
سمٿ چيو ته ٽيم جو هدف آخري ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٽاپ ٽو ۾ جاءِ يقيني بڻائڻ آهي.
هن پاڪستان ۾ مهمان نوازي ۽ ملتان سلطانز جي ماحول کي به ساراهيو، جڏهن تمشائين جي غير موجودگي ته مايوسي جو اظهار پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.