لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تصديق ڪئي آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آل رائونڊر محمد نواز طرفان ريڪرييشنل ڊرگ (تفريحي مقصدن لاءِ منشيات جو استعمال) واپرائڻ بابت رپورٽ موڪلي آهي، جنهن تي پي سي بي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان عامر مير جو چوڻ آهي ته پي سي بي محمد نواز کي چيو آهي ته هو هن معاملي تي اڄ (22 اپريل) آءِ سي سي کي جواب جمع ڪرائي ڇڏي.
عامر مير تصديق ڪئي ته آءِ سي سي طرفان موڪليل محمد نواز جي ڊرگ يوز رپورٽ مثبت آئي آهي، جنهن تي هاڻ پي سي بي طرفان وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته اهڙن معاملن تي آءِ سي سي جاچ ڪندي آهي ۽ پنهنجا نتيجا ڏيندي آهي، جنهن کانپوءِ رانديگرن کي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته هي مڪمل طور تي آءِ سي سي جو اختيار آهي.
ان کان اڳ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو دعويٰ ڪئي هئي ته فيبروري ۽ مارچ دوران ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران محمد نواز جو ”ريڪرييشنل ڊرگ يوز“ ٽيسٽ مثبت آيو هو.
محمد نواز ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان سڪواڊ ۾ شامل هو ۽ هن ٽورنامينٽ جي ستن ميچن ۾ حصو ورتو هو.
پاڪستان ٽيم ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ نه پهچي سگهي هئي ۽ محمد نواز به ورلڊ ڪپ ۾ ڪا ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو هو.
محمد نواز پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جو حصو آهي، فرنچائز طرفان اها رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ سندس مستقبل بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ريڪرييشنل ڊرگ ڇا هوندي آهي؟
ماهرن جو چوڻ آهي ته ” ريڪرييشنل ڊرگز“ جو تعلق رانديگر جي صلاحيت يا ڪارڪردگي وڌائڻ سان ناهي، پر هي رڳو تفريح لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪو به نشو ٿي سگهي ٿو.
راولپنڊي جي ”ڪسٽ“ يونيورسٽي ۾ فارميسي شعبي جي استاد ڊاڪٽر سالم جو چوڻ آهي ته سولن لفظن ۾ ان کي منشيات چئي سگهجي ٿو، ڇو ته ان جو مقصد پاڻ کي پرسڪون رکڻ هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ان ۾ ٻن قسمن جون ڊرگز هونديون آهن، هڪ جيڪي توهان کي تمام گهڻو خوش ڪن ۽ ٻي قسم ننڊ يا سڪون ڏيندڙ هوندي آهي، انهن کي پارٽي ڊرگز به چيو ويندو آهي ۽ ريڪرييشنل ڊرگز به، جن جو مقصد مصنوعي طريقي سان خوشي يا سڪون مهيا ڪرڻ هوندو آهي.
آءِ سي سي اينٽي ڊوپنگ قانون
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اينٽي ڊوپنگ قانونن موجب، آءِ سي سي ورلڊ اينٽي ڊوپنگ ايجنسي (واڊا) جو رڪن آهي.
ان جو مقصد راند جي ساک کي برقرار رکڻ، رانديگرن جي صحت جو خيال ۽ راند کي ڊوپنگ کان پاڪ رکڻ آهي.
آءِ سي سي يقيني بڻائيندو آهي ته عالمي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن کي خبر هجي ته ڪهڙيون شيون واپرئڻ تي بندش آهي.
آءِ سي سي قانونن موجب، رانديگر جي جسم مان ٻه نمونا ”اي“ ۽ ”بي“ حاصل ڪيا ويندا آهن.
جيڪڏهن ”اي“ جي پهرئين تجزيي ۾ رپورٽ مثبت اچڻ تي رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن رانديگر چاهي ته ”بي“ نموني جو به تجزيو ڪيو ويندو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، محمد نواز سيمپل ”بي“جي تجزيي جي درخواست ڪري سگهي ٿو، آءِ سي سي موجب جيڪڏهن سيمپل منفي آيو ته پوءِ رانديگر خلاف ڪارروائي روڪي ويندي آهي، پر ٽيسٽ مثبت اچڻ تي رانديگر تي چئن سالن تائين پابندي لڳي ٿي، جيڪڏهن ڪرڪيٽر اهو ثابت ڪري وٺي ته پابندي مڙهيل مواد غير ارادي طور جسم ۾ ويو ته سزا ۾ نرمي ٿي سگهي ٿي.
سوشل ميڊيا تي رد عمل
آل رائونڊر محمد نواز پاڪستان طرفان ڇهه ٽيسٽ ، 44 ون ڊي ۽ 98 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز کيڏي چڪو آهي.
هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو رهيو آهي.
محمد نواز جي معاملي تي سوشل ميڊيا تبصرن جو سلسلو جاري آهي.
ايڪس تي هڪ واهپيدار لکيو ته” محمد نواز بابت هن خبر تي بلڪل به حيرت نه ٿي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران سندس ڪارڪردگي به ڪجهه اهڙي ئي هئي.“
اسپورٽس صحافي سليم خالق موجب ”پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪجهه سکندي نظر نٿا اچن، جڏهن سينيئر رانديگر اهڙيون غلطيون ڪندا ته جونيئرز جي رهنمائي ڪير ڪندو؟“
اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد لکيو ته ” هاڻ سوشل ميڊيا تي محمد نواز کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو ۽ صحافين جا پروگرام ٿيندا.“