واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي في الحال ايران تي حملا ملتوي ڪري رهيو آهيان.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي بيان ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايراني حڪومت اندروني طور ڏڦيڙ جو شڪار آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم طرفان اسان کي چيو ويو آهي ته ايران تي حملو ان وقت تائين ملتوي ڪيو وڃي، جيستائين اتان جي قيادت ۽ نمائندا ڪنهن گڏيل تجويز تي متفق نٿا ٿي وڃن.
سندس چوڻ هو ته مان آمريڪي فوج کي حملا نه ڪرڻ جي هدايت سان گڏ ايران خلاف بحري ناڪابندي جاري رکڻ ۽ هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار رهڻ جا به حڪم ڏنا آهن.
هن جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته اها ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين ايران طرفان باضابطا طور تجويز پيش نٿي ڪئي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن نتيجي تائين نه ٿيون پهچن.
عاصم منير ۽ شهباز شريف جي درخواست تي جنگبندي ۾ واڌ ڪري رهيو آهيان: ڊونلڊ ٽرمپ
You might also like