تهران(ع آ نيوز) ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، ايراني تيل ٽينڪر سيلي سٽي محفوظ طور تي عربي سمنڊ پار ڪري ويو آهي. ايراني ٽي وي موجب، ٽينڪر آمريڪي ڌمڪين جي باوجود ايراني علائقائي پاڻي ۾ داخل ٿيو. گذريل رات ايراني سامونڊي جهاز پاران تيل جي ٽينڪر کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. رياستي ٽي وي جو چوڻ آهي ته سيلي سٽي آئل ٽينڪر ايران جي هڪ ڏاکڻي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿي چڪو آهي.