واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي فوج کليل سمنڊ ۾ هڪ ٻيو آئل ٽينڪر قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پينٽاگون پاران جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪي فوجن انڊو-پيسفڪ ڪمانڊ جي ذميواري واري علائقي ۾ ڪم ڪندي بندش پيل آئل ٽينڪر ‘ايم ٽي ٽفني’ کي قبضي ۾ ورتو. آمريڪي فوجن بنا ڪنهن مزاحمت جي آپريشن مڪمل ڪيو. پينٽاگون وڌيڪ چيو ته آمريڪا دنيا ۾ اهڙيون سامونڊي ڪارروائيون جاري رکندو ته جيئن اهڙن غير قانوني نيٽ ورڪن کي روڪي سگهجي جيڪي ايران کي ڪنهن به قسم جي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بين الاقوامي سمنڊ اهڙن پابندي لڳل جهازن لاءِ محفوظ جاءِ ناهي، آمريڪا اهڙن غير قانوني عنصرن کي سمنڊ ۾ آزاديءَ سان گهمڻ جي اجازت نه ڏيندو.