لنڊن(عوامي آواز نيوز)برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي هڪ تحقيقاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اهم اعلانن کان ڪجهه منٽ پهريان اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ڪروڙين ڊالرن جا منافعي بخش سودا ڪيا ويا. ايران سان ڇڪتاڻ دوران تيل جي قيمتن ۾ غير معمولي لاهي چاڙهي کان اڳ مارڪيٽ ۾ غير معمولي چرپر ڏٺي وئي.وقت جي مطابقت: جڏهن مارڪيٽ جي انگن اکرن جو موازنو صدر ٽرمپ جي بيانن سان ڪيو ويو، ته معلوم ٿيو ته اعلانن کان ڪجهه گهڙيون اڳ ئي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته انهن سرگرمين ۾ تسلسل ۽ وقت جي اهڙي ترتيب آهي، جنهن کي رڳو "اتفاق” قرار نٿو ڏئي سگهجي. ماهرن موجب اها صورتحال غير قانوني ‘انڊسائيڊر ٽريڊنگ’ جي واضح علامت ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ اندروني معلومات جي بنياد تي ناجائز فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي.