پنهنجو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته ملڪ اندر جيئن جيئن جمهوري نظام تسلسل سان هلندو رهندو تيئن تيئن جمهوري روايتون به پختيون ٿينديون وينديون، ان حوالي سان يقينن ڪجهه سٺيون حاصلات ڳڻائي سگهجن ٿيون پر مجموعي طور تي هاڻي به جمهوريت جو حقيقي ثمر عوام تائين سڌو سنئون ناهي پهتو. باوجود ان جي ته پ پ ۽ مسلم ليگ کي ملڪ اندر سڀ کان گهڻو اقتدار مليو آهي پر پوءِ به ملڪ جي سڃاڻپ ”جمهوري“ نه بڻجي سگهي آهي جيڪڏهن ڪي جمهوري قدر پيدا ٿيا به آهن ته اهي اقتداري ۽ حڪومتي مفادن تائين محدود آهن
سو جمهوريت جو ثمر عوام تائين نه پهچڻ واري تنقيد ته پنهنجي جاءِ تي اڄ به شدت سان قائم آهي پر جمهوريت جي تسلسل جو الٽو جيڪو نئون خوفناڪ تجربو پلئه پئجي رهيو آهي سو اهو آهي ته عوام جون چونڊيل جمهوري حڪومتون نه اپوزيشن جي وجود کي تسليم ڪن ٿيون ۽ نه ئي انهن کي احتجاج جو حق ڏين ٿيون. هاڻي سنڌ اند پ پ جي حڪومت تي اهو به الزام لڳي رهيو آهي ته اها اپوزيشن جماعتن سان گڏ اختلاف رکندڙ ماڻهن خلاف به انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي. ان حوالي سان تازي ترين رپورٽ اها آهي ته چار ڏينهن اڳ دريا خان مري ۾ نيشنل پيپلز پارٽي شهيد بينظيرآباد جي ڊويزنل صدر غلام حيدر مري پاران جتوئي برادري جي دعوت ڪرڻ کان پوءِ پ پ جي ضلعي انتظاميا مٿس ڏمرجي پئي ۽ انتقامي ڪاررواين تي لهندي سندس دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ پيٽرول پمپ کي سيل ڪري سندس خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي.هوڏانهن سوشل ميڊيا موجب جونيئر ذولفقار علي ڀٽو جي تعزيت تي اچڻ جي ڪري بابر مصطفيٰ بوزدار کي ضلعي سکر جي انفارميشن سيڪريٽري جي عھدي تان عارضي طور معطل ڪندي پارٽي پاليسي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي آھي .
ان صورتحال تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته دريا خان مري ۾ غلام حيدر مري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ، سندس ملڪيت ڊاهڻ ۽ کيس هراسان ڪرڻ جهڙا قدم انتهائي مذمت جوڳا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران جماعت طرفان مخالف سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪو عمل جمهوري قدرن جي ابتڙ آهي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ بنيادي اصول هوندو آهي پر افسوس ته هن وقت صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. هاڻي صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جو صرف اهو ڏوهه هجي ته هن پ پ جي مخالف سان چانهه پيتي آهي ته ان کي به انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي هن موري واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ سال اڳ ٿيل ڪيترن ماڻهن کي بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي. هوڏانهن اين پي پي جي اڳواڻ غلام حيدر مري الزام لڳايو آهي ته مٿس پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
اسان مٿي ڄاڻايل پ پ جي مخالف جماعتن جي اڳواڻن جي موقف سان نه رڳو متفق آهيون، پر ان جي غير جمهوري رويي جي نندا به ڪريون ٿا. اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جيڪي پاڻ وڏين مارشل لائن ۽ آمريتي حڪومتن ۾ غير جمهوري عتاب ۽ انتقامي ڪاررواين جو شڪار رهيون آهن سي پنهنجي اپوزيشن جماعتن واري دور جي تجربي جي روشني ۾ پاڻ کي جمهوري حڪمران ڇو بڻائي نه سگهيون آهن. اهو سوال به پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کان پڇي سگهجي ٿو ته پوءِ اوهان ۽ مارشل لائي حڪومتن ۾ ڪهڙو فرق رهيو؟ اوهان کي اڄ جي مخالف جماعتن ڏانهن اهو جمهوري رويو رکڻ گهرجي جيڪو جمهوري حڪومتن کي سونهين سگهي ٿو. ڇا اهو ضروري آهي ته جن تلخ تجربن مان اوهان بحيثيت اپوزيشن جماعتون گذري آيون آهيو سو ورتاءُ اڄ جي مخالف جماعتن سان ڪيو وڃي.
اهو انتهائي غلط لاڙو آهي جيڪو ختم ڪرڻ ڪنهن به جمهوري حڪومت جو اولين فرض هئڻ يا سمجهڻ گهرجي ته جيئن اڄ جون مخالف جماعتون هزارين اختلافن باوجود اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿين ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جون حڪمران جماعتن مخالف جماعتن جي وجود کي نه رڳو تسليم ڪن ٿيون پر عزت به ڏين ٿيون. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي اهڙو مثال ضرور قائم ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن کي بحيثيت چونڊيل جمهوري حڪومتن هئڻ جو وسيع تجربو آهي. اهو تجربو سندن حڪومتي روين ۽ پاليسين مان هاڻي ظاهر ٿيڻ گهرجي. هڪ پاسي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته ”اسان سنڌ ۾ مخالف سياسي جماعتن جي سرگرمين ۽ اتحادن تي خوش ٿيندا آهيون ڇاڪاڻ ته اهو جمهوريت جو حسن آهي. اپوزيشن جماعتون هونديون ته پارليامينٽ جڙندي ۽ چونڊون به ٿينديون سو اهو ممڪن ناهي ته اپوزيشن جي وجود کي تسليم نه ڪجي. اپوزيشن جو وجود خود جمهوريت جي بقا لاءِ لازمي آهي.“ جڏهن ته ٻئي پاسي پ پ مخالف جماعتن جا سربراهه دعويٰ ٿا ڪن ته پ پ حڪومت اسان کي سياسي سرگرميون ڪرڻ نه ٿي ڏئي ۽ انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي.
سو پ پ حڪومت کي اهو قول ۽ فعل جو فرق ختم ڪرڻو پوندو. اها جيڪڏهن پاڻ کي جمهوري حڪومت سمجهي ٿي ۽ اپوزيشن جي وجود کي تسليم ڪري ٿي ته پوءِ انهن جي جمهوري حقن کي به تسليم ڪري ۽ هڪ جمهوري جماعت طور عظيم جمهوري روايتون قائم ڪري ۽ اهو سڀ ان احساس وچان ڪري ته ماضيءَ وانگر اها مستقبل ۾ به اپوزيشن جماعت بڻجي سگهي ٿي. ان وقت اها حڪومت مان جن جمهوري حقن جي طلب ڪندي سي حق اڄ جي اپوزيشن جماعتن کي ڏيڻ جي روايت پاڻ کان شروع ڪري ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جمهوري حڪومتون به مخالف جماعتن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪن ته باقي ڇا بچيو؟