حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي هالاناڪي واري علائقي ۾ تيز رفتار ويگو گاڏي جي ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن موجب، زرنواز خان پٺاڻ نالي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪتل ويگو گاڏي سٽي گيٽ کان وٺي اڳيان ايندڙ گاڏين ۽ پنڌ ويندڙ ماڻهن کي چيڀاٽيندي وئي. حادثي ۾ اشفاق سولنگي، احسن ۽ راول ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زبيدا، فيضان، هريش، شاڪر دين ۽ بشير سخت زخمي ٿيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پکڙجي ويو. مڇريل ماڻهن ويگو گاڏي کي گهيري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هالاناڪي وارو روڊ ڪلاڪن تائين بند رهيو. اطلاع ملڻ تي هٽڙي پوليس پهتي ته شهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون. پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو. پوليس مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ پوليس جا اعليٰ عملدار پهتا ۽ رينجرز جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي. علائقي واسين الزام هنيو آهي ته ڊرائيور نشي ۾ هو ۽ پوليس کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. علي آباد ڪالوني وٽ حادثي سبب فوت ٿيلن ۾ 30 سالن جو ڄامشورو لڳ ڳوٺ الھرکيو سولنگي جو رهواسي اشفاق ولد نورمحمد سولنگي، 24 سالن جو احسن پٽ عبدالمجيد ۽ 20 سالن جو راول پٽ رميش شامل آهن. جڏهن ته سوني سندس ڌي زبيدا ۽ پٽ فيضان، هريش، شاڪر دين ۽ بشير زخمي ٿيا. علائقي واسين الزام هنيو ته پوليس هٿ وٺي ويگو جي ڊرائيور ڪوئلي جي واپاري زرنواز خان پٺاڻ کي ڀڄائي ڇڏيو. علائقي واسين جو چوڻ ھو ته گاڏي جو ڊرائيور زرنواز خان نشي جي حالت ۾ هو جيڪو سٽي گيٽ کان وٺي اڳيان ايندڙ گاڏين کي ٽڪر هڻندو پئي آيو. جنھن سبب ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. ويگو گاڏي ٽڪر هڻي هڪ موٽر سائيڪل، هڪ مهراڻ ڪار ۽ هڪ ڪرولا ڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو. ٻئي طرف هٽڙي ٿاڻي جي پوليس ويگو جي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ويگو جي ٽڪر ۾ مهراڻ گاڏي مڪمل تباهه، زخمين جي حالت نازڪ`
حيدرآباد: ٻڌايو پيو وڃي ته زرنواز خان ڪجهه ڏينهن اڳ آٽوميٽڪ گاڏي خريد ڪري آيو هو. سندس گاڏي جي ٽڪر سبب مهراڻ گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي آهي جنهن ۾ سوار ماءُ زبيداه، ڌيءُ سوني ۽ پٽ فيضان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
فوتين ۾ ميڊيڪل جو شاگرد اشفاق سولنگي شامل
اوڏيرولال (رپورٽر) اوڏيرولال اسٽيشن جو رهواسي ميڊيڪل جو شاگرد به اسرا اسپتال حيدرآباد ۾ ويگو جي ٽڪر سبب حياتي وڃائي ويٺو. اشفاق سولنگي پٽ ڊاڪٽر نور محمد سولنگي اسرا اسپتال وٽ ڳوٺ الله رکيو سولنگي ۾ رهندو هو ۽ سول اسپتال ۾ نرسنگ جو ڪورس ڪندو هو. فوتي گهر واپس پئي آيو ته ويگو سوار ربنواز پٺاڻ ڪافي ماڻھن کي چيڀاٽي ڇڏيو، انهن سان گڏ اشفاق سولنگي به حادثي ۾ فوت ٿي ويو.