نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف انيل چوهاڻ ”آپريشن سندور“ ۾ شڪست کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هڪ بيان ۾ ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف چيو ته گذريل سندور کي وساري ڇڏيو، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نئين سسٽم کي پراڻي سسٽم سان جوڙڻو پوندو.
ان کانسواءِ ڀارتي چيف آف ڊفينس خواري لڪائڻ ٽراءِ سروسز هم آهنگي جي بهتري تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ سندور جي تياري ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل سال ڀارت طرفان پاڪستان خلاف آپريشن سندور شروع ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان آپريشن”بنيان المرصوص“ ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارتي هوائي فوج جا 7 جهاز تباهه ڪيا هئا.
You might also like