واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
هڪ آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن ۽ هو جنگبندي جو مدو وڌائڻ نٿو چاهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا هر قسم جي فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايران سان جنگ کي سٺي معاهدي سان ختم ڪيو ويندو.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران سان معاملا بهترين انداز ۾ سنڀالي رهيو آهي ۽ ايران وٽ ڳالهين ۽ معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو.
ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آبناءِ هرمز جي ناڪابندي وڏي ڪاميابي آهي ۽ آمريڪا ايران جي ائٽمي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ايران نيوڪليئر سطح تائين نٿو پهچي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جنگ مڪمل طور تي کٽي چڪو آهي.