لاهور(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جيڪا ماڻهن جي دلچسپي جو باعث بڻيل آهي. تصوير ۾ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته سينيٽ جو چيئرمين يوسف رضا گيلاني سندس ڀرسان ويٺو آهي. هن تصوير کي ڏسي افواهه ۽ اڳڪٿيون هلي رهيون آهن ته ڇا عثمان بزدار پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي يا ٿي ويو آهي؟پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيئر اڳواڻ ۽ يوسف رضا گيلاني جي فرزند علي حيدر گيلاني انهن سمورن افواهن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن واضح ڪيو ته عثمان بوزدار جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت ناهي ٿي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هي صرف هڪ اتفاقي ۽ دلچسپ واقعو هو جيڪو ڊيره غازي خان ۾ پيش آيو.سيد علي حيدر گيلاني ٻڌايو ته منهنجو والد چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، سردار ذوالفقار کوسا (مرحوم) جي قل خواني ۾ شرڪت لاءِ ڊيره غازي خان ويو هو.سندس چوڻ موجب، دعا ختم ٿيڻ کان پوءِ دوست محمد کوسا ٻپهرن جي ماني لاءِ پنهنجي ديري تي اچڻ جي ضد ڪئي ۽ چيو ته ماني جو بندوبست ديري تي ڪيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾، جيئن ئي سڀ ماڻهو ٻاهر نڪتا ته گاڏين جي ڪري روڊ مڪمل طور تي بلاڪ ٿي ويو.علي حيدر گيلاني ٻڌايو ته ڪجهه دير يوسف رضا گيلاني گاڏي ۾ ويهي انتظار ڪيو ته شايد جلد ئي بلاڪ ٿيل روڊ کلي ويندو، پر جڏهن رستو ڪليئر نه ٿيو ته سخت گرمي ۾ هن گاڏي مان لهي پنڌ ئي ديري طرف هلڻ شروع ڪري ڏنو.هن ٻڌايو ته جڏهن دوست محمد کوسا يوسف رضا گيلاني کي پنڌ هلندي ڏٺو ته کيس روڪيو ۽ چيو ته گرمي تمام گهڻي آهي، توهان پنڌ وڌيڪ نه هلو، پويان واري گاڏي ۾ ويهي رهو، ان ۾ عثمان بوزدار آهي.علي حيدر گيلاني موجب عثمان بوزدار پاڻ يوسف رضا گيلاني کي گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو، جنهن کان پوءِ هو ساڻس گڏ فرنٽ سيٽ تي ويهي رهيو.هن وضاحت ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي طرح طرح جون ڪهاڻيون ٺاهيون پيون وڃن جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. اها تصوير عثمان بزدار سان گڏ ايندڙن مان ئي ڪنهن پويان واري سيٽ تان ٺاهي هوندي.