جاپان ۾ 7.4 شدت جي زلزلي کانپوءِ هڪ ٻئي وڏي زلزلي جو خطرو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ 7.4 شدت جي زلزلي کانپوءِ هڪ ٻئي زلزلي جو خطرو آهي.
جاپاني موسميات کاتي چيو آهي ته وڌيڪ وڏو 8.0 يا ان کان وڌيڪ شدت جو زلزلو اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.
موسميات کاتي موجب اتر حصي ۾ ايندڙ تازي سخت لوڏن، سونامي جي وارننگ کانپوءِ صورتحال غير معمولي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان اتر علائقي لاءِ وڏي زلزلي جي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سونامي جون ڇوليون 3 ميٽر تائين بلند ٿي سگهن ٿيون ۽ شروعاتي ڇوليون فوري طور سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجي سگهن ٿيون.
اختيارين سمنڊ ڪناري رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي کانپوءِ بلٽ ٽرين سروس عاضي طور معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سمنڊ ڀرسان سونامي جو ڇوليون به ڏٺيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.