ٽائم مئگزين جي 100 بااثر شخصيتن جي فهرست جاري، نريندر مودي لسٽ مان ٻاهر

جڳ مشهور عالمي مئگزين ”ٽائم“ طرفان دنيا جي 100 بااثر ترين شخصيتن جي تازي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيئي اهم تبديليون سامهون آيون آهن، حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته هن سال جي فهرست ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو نالو شامل ناهي، جڏهن ته ڀارتي اداڪار رنبير ڪپور پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ڀارت مان ٻين نمايان شخصيتن ۾ گوگل جو سي اي او سندر پچائي ۽ مشهور شيف وڪاس کنا پڻ شامل آهن.
سندر پچائي کي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ) جي شعبي ۾ عالمي اڳڀرائي ۽ وڪاس کنا کي انسانيت جي خدمت ۽ کاڌي ذريعي قومن ۾ ويڇا گهٽائڻ تي فهرست جو حصو بڻايو ويو آهي.
سياستدانن ۾ هن ڀيري ڏکڻ ايشيا مان نيپال جو نوجوان وزيراعظم باليندر شاهه (بالن) ۽ بنگلاديش جو نئون وزيراعظم طارق رحمان بااثر ماڻهن ۾ شامل آهن.
طارق رحمان 17 سالن جي جلاوطني کانپوءِ چونڊن ۾ سوڀ ماڻي اقتدار ۾ آيو آهي، جڏهن ته باليندر شاهه نوجوانن جي حمايت سان نيپال جو ننڍي عمر وارو وزيراعظم بڻيو آهي.
ٻئي پاسي ڪو به پاڪستاني ان فهرست ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
ميگزين جي تازي فهرست مان ظاهر ٿئي ٿو ته هاڻي دنيا ۾ اثر رسوخ جي تعريف بدلجي رهي آهي، جتي روايتي سياستدانن جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي، فن ۽ سماجي تبديلي آڻيندڙ اڳواڻ وڌيڪ نمايان ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.