بابر اعظم ماڙ ڌاڙ وارو رانديگر ناهي، پاڪستان ۾ 180 يا 190 جي اسٽرائڪ ريٽ وارا بيٽر ناهن: اظهر محمود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي اسسٽنٽ ۽ بالنگ ڪوچ اظهر محمود جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي ڪارڪردگي ڪڏهن به ايڏي خراب ناهي رهي جيتري واويلا ڪئي پئي وڃي، بابر ايتريون رنسون ٺاهيون آهن جو ماڻهن کي سندس 30، 35 رنسون به گهٽ لڳنديون آهن.
ڪراچي ۾ ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر محمود جو چوڻ هو ته بابر اعظم هميشه ئي ورلڊ ڪلاس هو، بابر کي اهو ئي چيو هو ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ کيڏي، بابر پراپر ڪرڪيٽنگ شاٽس کيڏڻ وارو پليئر آهي، هو مار ڌاڙ ناهي ڪندو، بابر اڄ آئوٽ اسٽينڊنگ ڪرڪيٽ کيڏي.
اظهر محمود جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 180 يا 190 جي اسٽرائڪ ريٽ وارو ڪو به ناهي، بابر اعظم سان گڏ توهان کي تسلسل ملي ٿو، وچ ۾ بابر کي صحيح طرح استعمال نه ڪيو ويو هو، بابر لاءِ سڀني جي خواهش هئي ته هو سينچري مڪمل ڪري.
هن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو شيڊيول ڏسي پي ايس ايل لاءِ اسڪواڊ ترتيت ڏنو، اسان جي ٽيم جو ڪامبينيشن ۽ بينچ اسٽرينٿ ڏاڍي مضبوط آهي.
لاهور ۾ کيڏي آيا آهيون ته اندازو آهي ته اتي ڪهڙيون وڪيٽون ملنديون، پراميد آهيان ته اسان وٽ ملڪ ۾ گهڻو ٽيلنٽ آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته ان ٽيلنٽ کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.