ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4900 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 5 لک 1162 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 4 هزار 201 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 29 هزار 665 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 49 ڊالر گهٽجڻ سان 4 هزار 788 ڊالر في اونس آهي.
You might also like