سنڌ ۾ نروار ٿيل ڪڻڪ جو مها اسڪينڊل

سڪندر چنو

سنڌ ۾ آفيسر شاهي پيپلز پارٽي کي ڏکين حالتن ۾ پهچائڻ جو ڄڻ ڪي پي پي مخالفن کي وڏي رقم وٺي ڌٻڻ ۾ ڦاسائن جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ اڪثر ڪري وڏا وڏا اسڪينڊل وقتن فوقتن ظاهر ٿيندا رهن ٿا. ۽ اهيو سڀ ڏوهه ۽ ڪارنامون کاتن جي ذميوار نوڪر شاهي جو آهي. جيڪي ڇڙواڳيءَ جو مظاهرو ڪندي ڪرپشن ۾ ڪو احتياط کان ڪم نه پيو ورتو وڃي.

تازو سنڌ ۾ ڪڻڪ جو مها اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي خزاني کي 32 ارب روپين جو وڏو نقصان پهچايو ويو آهي. ڪڻڪ جي مها اسڪينڊل جا ڪيس سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن کاتي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. جڏهن اهي ڪيس نيب جي هٿ ۾ ايندا ته پوءِ نيب ڇا ڪندي ان بابت سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي. افسوس جو سنڌ جي نوڪر شاهي يا آفيسر شاهي جيڪڏهن روزي کي ٺاري کائي ته منهنجي خيال ۾ اڄ سنڌ جي بدنامي ڇو ٿئي؟ وڏي مقدار ۾ سنڌ جي سرڪاري گدامن مان هڪ تي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي ۽ ان ۾ ملوث ڪير هيو ان بابت لکڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري گدامن جو انچارج فوڊ انسپيڪٽر هجي ٿو. جيڪا ڪڻڪ گدامن مان چوري ڪئي ويئي ان جي جاءِ تي ڪڻڪ جي ٻورين ۾ افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته مٽي ملائي کوٽ پوري ڪئي ويئي. جڏهن اها مليل مٽي ڪڻڪ فلور ملن يا پاڪستان کان ٻاهر وڃي ٿي ته خريد ڪرڻ وارو ڇا سوچيندو هوندو؟ ۽ ان سموري عمل ۾ گلا غيبت سنڌ جي نه ٿيندي هوندي؟

بحرالحال سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ هڪ لک 10 هزار ٽن غائب ٿي ويئي آهي. اسان کي تڪڙو آسودو ٿيڻ جو هميشه ڀوت سوار هجي ٿو ته پوءِ نقصان نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ڪنداسين. سنڌ حڪومت 20 کان وڌيڪ خوراڪ جي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي. 68 هزار ٽن ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ريتي ملائي وئي آهي. جتي سرڪاري گدامن مان 30 ارب روپين جي ڪڻڪ چوري ٿي آهي ان ۾ سنڌ جا سمورا ضلعا ملوث نڪتا آهن. اسين ڄاڻون ٿا ته ان سان آفيسر شاهي ۾ ڇڙواڳي آهي ۽ ان سان سنڌ حڪومت کي بدنام ڪرڻ جو اهم ڪارڻ آهي. آخرڪار ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اهيو سڀ جائز آهي ته پوءِ اسڪينڊلن کي ميڊيا ۾ ڇو آندو وڃي پيو؟ گهٽ ۾ گهٽ انهن کي لڪايو وڃي.

سنڌ حڪومت کي هڪ منظم سازش تحت آفيسر شاهي بدنام ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا توڙي دنيا جي ميڊيا مارڪيٽ ۾ سنڌ حڪومت جو نالو وڃي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ پارٽي جي خير خواهي ڪئي وڃي. ان کان علاوه ميرپور خاص ۾ هڪ پروفيسر ڪرپشن ۾ پڪڙو ويو آهي جيڪو جعلي مارڪون، ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ماهر سمجهي وڃي ٿو. بدنامي سنڌ حڪومت جي، اهڙا ڪيس نيب حوالي ڪيا وڃن. اينٽي ڪرپشن ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. جڏهن ڪيس نيب حوالي ٿيندا ته ملوث ماڻهو جڏهن نيب جي چنبي مان آزاد ٿي کلي هوا ۾ ٿڌا ٿڌا ساهه کڻندو ته سندس صحت تمام نازڪ حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندي پوءِ هو پڇتائيندو ته آءُ جيڪو عمل ڪيو اهو ڏاڍو ڀيانڪ ۽ غلط ڪيو. ان کان علاوه تازو ميرپور خاص ۾ سهيل ملڪ نالي همراهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اربن روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ان کي به نيب حوالي ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي بدنام ڇو پيو ڪيو وڃي ڇا ائين ناهي ته پي پي مخالف ان سموري سازشن جو حصو آهن.

چين دنيا ۾ معيشت ۾ سپر پاور ملڪ بڻجي ويو آهي. جنهن آمريڪا جهڙي سپر پاور کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. چين جو معاشي طور سپر پاور طور اڀرڻ جو اهم سبب ملڪ ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو وڏو گهيرو تنگ ڪرڻ آهي. ۽ چيني صدر شي چن پنگ ڪرپشن ۾ ملوث طاقتور آرمي جنرلن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو آهي ۽ تازو چين جي حڪومت ڪرپشن ۾ ملوث ملڪ جي نائب وزير خارجا سن ويڊونگ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. جيڪو هڪ مثال قائم ڪيو ويو آهي. چين ۾ رياستي ادارو جيڪو طاقتور آهي جنهن کي اسٽيٽ ڪائونسل چيو وڃي ٿو ته خفيا طور هر سياستدان، واپاري، ٽائيڪون فوج جي آفيسرن، بيوروڪريٽن جي ريڪي ڪري ٿو جنهن تي ڪرپشن ثابت ٿئي ٿي ان کي خفيا طور بنا اطلاع ڏيڻ جي کنڀيو وڃي ٿو. بعد ۾ ان تي ڪيس ظاهر ڪيا وڇن ٿا. ته جيئن ڪرپشن ڪندڙن ۾ خوف طاري ٿئي. نائب وزير خارجا کي ان وقت کنڀيو ويو جڏهن هو برونائي ۽ ملائيشيا جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو. هلندڙن ملاقاتن مان سندس کي کنڀيو ويو ۽ ائين باقي آفيسر شاهي ۾ خوف طاري ٿي ويو. اهڙي ڪاروائي سان چين ۾ ڪرپشن خلاف ٿيندڙ ڪارواين کي ساراهيو ويو آهي.

2013 ۾ جڏهن موجوده صدر شي جن پنگ اقتدار ۾ آيو ته هن اچڻ سان شينهن جي مکين سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. مقصد هيٺين آفيسرن ۽ مٿين آفيسرن ۽ ملازمن سان وڙهڻ آهي. سينٽرل ڪميشن فار ڊسيپلين انسپيڪشن اينڊ نيشنل سپروائيزري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي گذريل سال چين بدعنواني جي 10 لک ماڻهو کي ڪرپشن جي الزامن تحت سزائون ڏنيون ويون آهن انهن ۾ فوج جا اعليٰ آفيسر ۽ خفيا ايجنسين جا ايجنٽ به شامل آهن. جن ۾ صوبائي وزير، وڏا وڏا ٽائيڪون، 5000 بيورو ڪريٽ ۽ بيا ماڻهو شامل آهن. سويلن کي پڪڙڻ ته آسان آهي پر فوج ۾ هٿ وجهڻ تمام ڏکيو آهي ۽ اهيو مثال چين دنيا کي قائم ڪري ڏيکاريو آهي. سو جيڪڏهن پاڪستان ۾ به ڪا هڪڙي ڌر لاءِ اهڙي ڪاروائي ٿئي ته باقي پاڪستان جي ادارن ۾ کڙڪ پيدا ٿي ويندي ۽ ملڪ خوشحالي جي دڳ تي هلي پوندو. پر اهيو سڀ ڪندو ڪير؟ صدر، وزيراعظم يا فيلڊ مارشل

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.