ايران-آمريڪا امن معاهدو ۽ ڀارت جو منفي ڪردار!

مبصر

اهو چوڻ ته اسلام آباد ۾ ٿيل ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، بلڪل غلط آهي. ٻنهي ڌرين جي ڳالهين ڪندڙن پاڻ چيو هو ته هنن پنهنجا پنهنجا نُڪتا هڪ ٻئي اڳيان رکي ڇڏيا آهن ۽ ٻنهي اهو به واضح ڪيو هو ته اهي انهن نُڪتن کان پنهنجي اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪندا ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ جيڪي به هدايتون ملنديون، انهن تي عمل ڪيو ويندو. پر ان کان پوءِ هر طرف اهو گوڙ مچي ويو ته ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. عالمي مبصرن پڻ اهو چيو هو ته هي اصل ۾ هڪ وقفو آهي. ٻنهي وفدن ڳالهيون حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ پنهنجي ملڪن جي اعليٰ قيادت کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڇو ته هي ڪو معمولي معاملو نه آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن مسئلي تي گذريل 47 سالن کان ڇڪتاڻ جاري رهي آهي. اهي ڪڏهن به سڌين ڳالهين لاءِ تيار نه هئا ۽ هڪ ميز تي ويهي مسئلو حل ڪرڻ ته ڪنهن جي به سوچ ۾ نه هو، پر اسلام آباد ۾ اهو ممڪن بڻجي ويو.

هاڻي جيڪڏهن ان کي پاڪستان جو ڪارنامو نه چيو وڃي ته پوءِ ڇا چيو وڃي؟ ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ سڄي دنيا لاءِ نقصانڪار بڻيل هئي، جڏهن ته اسرائيل ۽ ڀارت ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا هئا. اسرائيل ته اصل ۾ ڪڏهن به نه چاهيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ختم ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن جنگ جو وڏو محرڪ اهو پاڻ هو. هن جنگ مان اسرائيل کي اهو فائدو ملي رهيو هو ته هو پنهنجي گريٽر اسرائيل واري ناجائز منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ لبنان تي لڳاتار حملا ڪري رهيو هو ۽ انهيءَ دوران هن ڏکڻ لبنان جي ڪجهه علائقن تي قبضو پڻ ڪيو ۽ اڃا وڌيڪ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

ٻئي پاسي ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جو ايران سان جنگ شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ اسرائيل جو دورو ڪرڻ هڪ پراسرار قدم هو. ڀارت اندر به هن غير متوقع دوري تي سخت تنقيد ڪئي وئي، پر مودي جو مقصد نيتن ياهو جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته سندس اکنڊ ڀارت جو تصور به گريٽر اسرائيل واري منصوبي سان مشابهت رکي ٿو. آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي به ايران کي شڪست نه ڏئي سگهيا، ته پوءِ جڏهن ايران کي شڪست ڏيڻ ممڪن نه ٿيو، ته پاڪستان کي شڪست ڏيڻ ته ان کان به وڌيڪ مشڪل آهي، ڇو ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي.

اها حقيقت آهي ته اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدو نه ٿيڻ تي جيتري خوشي ڀارت ۽ اسرائيل کي ٿي آهي، اوترو ئي ڏک دنيا جي ٻين ملڪن کي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته تيل ۽ گئس جي کوٽ سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ انهي ڪري مهانگائي ۾ به زبردست اضافو ٿيو آهي. پر افسوس جو پاڪستان دشمني ۾ ڀارت ۽ اسرائيل لاءِ تيل جي کوٽ يا مهانگائي ڪو مسئلو ناهي؛ اهي رڳو اهو چاهين ٿا ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان کي ڪمزور ڪيو وڃي. هاڻي جڏهن اها خبر سامهون آئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا جون ڳالهيون ٻيهر اسلام آباد ۾ ئي ٿيڻ واريون آهن ۽ اهڙا اشارا به ملي رهيا آهنحقيقت ۾ ڀارت جو عوام هن وقت مودي جي ناڪام پرڏيهي پاليسي تي ناراض آهي، تنهن ڪري مودي چاهي ٿو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڀارت ۾ ٿين ۽ ڪامياب ٿين ته ان جو سارو ڪريڊٽ کيس ملي. پر خوشقسمتي سان ٽرمپ ايندڙ مرحلو اسلام آباد ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ايران به ان هنڌ تي راضي آهي. ايراني پاڪستان ۾ پاڻ کي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪن ٿا، جڏهن ته هو مودي کي اسرائيل جو حامي ۽ مسلمانن جو مخالف سمجهن ٿا. ايران ان واقعي کي به نه وساريو آهي جڏهن ڀارت ۾ گڏيل بحري مشقن دوران هڪ ايراني جنگي جهاز تباهه ٿيو هو، جنهن بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو هو ته اهو ڀارت جي ڄاڻ کان سواءِ ممڪن نه هو. پوءِ جڏهن ايران جي سپريم ليڊر خامنه اي جي شهادت ٿي ته ڀارت طرفان تعزيت به نه ڪئي وئي، جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن تي تنقيد ڪئي، پر ڀارت خاموش رهيو. اهو سڀ ڪجهه مودي ان لاءِ ڪيو ته جيئن اسرائيل ناراض نه ٿئي.

هاڻي مودي جي ٻن رخي پاليسي ظاهر ٿي چڪي آهي. ڪيترائي عرب ملڪ جيڪي اڳ ڀارت جي ويجهو هئا، هاڻي آهستي آهستي پري ٿيندا پيا وڃن، البته گڏيل عرب امارات اڃا به مودي جي حمايت ڪري رهيو آهي. بهرحال، هاڻي ڀلي اسرائيل ۽ ڀارت ڪيتريون به رنڊڪون پيدا ڪن، ايران ۽ آمريڪا جون امن ڳالهيون اسلام آباد ۾ ئي ٿينديون ۽ اميد آهي ته ڪامياب به ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن معاهدو به طئي ٿيندو ۽ ان جو ڪريڊٽ پاڪستان کي ئي ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.