ڪراچي (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت جنهن تيزي سان پيٽرول جي قيمتن
ڌاڙيلن کي شاپنگ ڪرائيندڙ ذميوارن خلاف ايڪشن وٺي ڇڏيو:ناصر شاهه
سکر (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڌاڙيلن کي شاپنگ ڪرائڻ واري واقعي تي گهرو وزارت
هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڪجهه ڏوهارين کي عدالتن ۾ آندو ويو:راشد محمود
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آءِ ھميشا امن جي بحالي لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي آهي 19، 20، 21 مارچ 2027 تي سکر ۾ عالمي امن ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جنھن ۾ ڪعبت الله شريف، مسجد نبوي ۽ مسجد الاقصيٰ جا پيش امام شرڪت ڪندا، اسين پوري دنيا ۾ امن امان چاھيون ٿا ان عالمي امن ڪانفرنس ۾ دنيا مان امن پسند اڳواڻن کي به دعوت ڏني ويندي عالمي صورتحال اوھان سڀني جي آڏو آهي دنيا جا طاقتور ملڪ ڪمزور ۽ غريب ملڪن مٿان حملا ڪري رھيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن سبب ڏوهه وڌن پيا امن امان خراب ٿي پيو، ان لاءِ جي يو آءِ ڀرپور تحريڪ ھلائي حڪمرانن کي مجبور ڪيو ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ ڪردار ادا ڪن جنھن بعد ڏوھارين سان ڳالهيون ڪري انھن کان ھٿيار ڦٽا ڪرايا ويا جنھن تي اسان کي اعتراض آهن ته چند ڏوھارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ڏوھارين کي ھٿيارن جا پيسا ڏنا ويا قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جرڳا ٿيڻ شروع ٿيا آهن اھو عمل به جي يو آءِ جي تحريڪ جو نتيجو آهي، اسان جي معيشت جا فيصلا آئي ايم ايف ڪندي آهي جنهن ڪري ايران کان سستو پيٽرول وٺڻ بدران ملڪ ۾ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو ويو حڪمرانن کي عوام جي ڪا به پرواهه نه آھي، اھي عالمي اداران کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آهن اسان جي پرڏيهي پاليسي آزاد نه آھي قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان ملڪ جو واحد سينئر سياستدان آهي جنھن وٽ شاگردي وٺڻ لاءِ سياستدان حاضري ڀريندا آهن سياست ۾ ڳالھين جا رستا ڪڏھن به بند نه ٿيندا آهن، معظم عباسي ڪالهه به اسان جو اتحادي اڄ به آهي سڀاڻي جي ڪا خبر نه آهي سنڌ اندر تعليم، صحت ۽ روڊ رستا حڪمرانن جي ڪرپشن سبب تباهه آهن عوام ڪرپٽ حڪمرانن سان نه بلڪه جي يو آءِ سان گڏ آهي، تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن جا ڪئي اسڪينڊل سامھون آيا آهن پر ميرپور خاص ۾ ھڪ استاد جي روپ ۾ بگھڙ نياڻي کي حراسان ڪري زندگي عذاب ڪري ڇڏي ھئي جنهن سبب نياڻي پنهنجو جسم حوالي ڪرڻ بدران خودڪشي ڪري ڇڏي ھي خودڪشي نه آهي بگھڙ نما پروفيسر قاتل آهي جنھن کي سزا ڏني وڃي روزمره استعمال ٿيندڙ شين ۾ ڪيميڪل نما زھر عوام کي ڏنو پيو وڃي.