لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) لاڙڪاڻي ۾ افسوسناڪ واقعو، لاڙڪاڻي ۾ هڪ انتهائي دردناڪ ۽ انسانيت کي جنجهوريندڙ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طورسڱ گهرڻ آيل ڌر جي ماڻهن تي تشدد کان پوءِ ماءُ ۽ ڌيءَ کي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪيو ويو، جوابدارن نغمه جتوئي ۽ سندس ماءُ شاهده جتوئي کي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بابت ٻڌايو ويو ته ارباب جتوئي پنھنجي ھڪ پٽ ۽ پاڙي جي سيد سان قاتل ڌر جي اوطاق تي لنگھي ويو ۽ ھنن کان پنھنجي پٽ جيڪو سعودي ۾ رھندو آھي، ان لاءِ ان مقتول ڇوڪري جو سڱ گھريو،جنھن تان قاتل ڌر کي ڪاوڙ لڳي ۽ انھن سڱ گھرندڙ ٻنھي پيءُ پٽ کي سيد جي سامھون مارڪٽ ڪئي ۽ زخمي ڪري وڌو، ذريعن موجب هنن پنھنجي گھر ۾ پناھ ورتي ته مٿان پوليس گھرائي انھن جي گھر تي ڪاھ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن طرفان ڪارنهن الزام ڏئي ٻنهي نغمه جتوئي ۽ سندس امڙ کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيا، سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽن ۽ ذريعن موجب غيرت جي نالي تي ٻيو ڪيس سامھون آيو جتي نياڻي زبان سان چيو ته مونکي فلاڻو ڇوڪرو پسند آھي ان سان شادي ڪنديس ته نياڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو نياڻي کي بچائيندي جيجل ماءُ پڻ قتل ٿي وئي، ھي واقعو 8 اپريل 2026، باقراڻي ڀرسان ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ جيڪو ٿيو، اھو ڪنھن ھڪ گھر جو سانحو ناھي، اھو سڄي سنڌ جي غيرت تي حملو آھي، نغما جتوئي، ھڪ نياڻي جيڪا پنھنجي زندگيءَ بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ ٿي چاهي، ان کي جاگيرداري ذهنيت گنھگار قرار ڏئي ڇڏيو، نياڻي کي بچائيندي سندس امڙ کي به قتل ڪيو ويو.