ارڙهين ترميم وفاقي ڍانچي کي مضبوط ڪيو:ايمل ولي

پشاور (عوامي آواز نيوز)اي اين پي جي سربراهه سينيٽر  ايمل ولي خان چيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم پاڪستان جي جمهوري تاريخ  ۾ هڪ اهم سنگِ ميل آهي، جيڪا صرف آئيني تبديلي نه پر ڊگهي جدوجهد، قربانين ۽ پختي عزم جي علامت آهي۔هن ترميم ذريعي صوبن کي سندن حق، اختيار مليا ۽ خيبر پختونخوا کي سڃاڻپ ملي، جيڪا هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي،ايمل ولي اسفنديار ولي خان  جي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سندس سياسي بصيرت ۽ جدوجهد هن ترميم کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ٻين پارليامينٽرينز جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو۔هن وڌيڪ چيو ته اها ڪاميابي دراصل باچا خان ۽ خان عبدالولي خان جي فڪر ۽ فلسفي جي عملي صورت آهي، جن صوبائي خودمختياري، وسيلن تي عوام جي حق ۽ مضبوط وفاق لاءِ جدوجهد ڪئي۔سندس چوڻ هو ته هن ترميم پاڪستان جي وفاقي ڍانچي کي مضبوط ڪيو ۽ صوبن کي وسيلن ۽ فيصلا سازي تي اختيار ڏئي پراڻين محرومين جو ازالو ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.