اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امڪاني ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي وفدن جي آمد سبب ريڊ زون ۽ وڌايل ريڊ زون کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهرين لاءِ متبادل ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ۽ راولپنڊي انتظاميا پاران پبلڪ، پرائيويٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي نئين حڪم تائين معطل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ڳالهين لاءِ ايڊوانس ٽيمون نور خان ائير بيس تي پهچڻ شروع ٿي ويون آهن. وي وي آءِ پيز جي سيڪيورٽي لاءِ راولپنڊي پوليس جا 2800 اهلڪار، جن ۾ 130 اسنائپرز شامل آهن، ائيرپورٽ ۽ اهم شاهراهن تي مقرر ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ نور خان ائير بيس جي حفاظت لاءِ 400 ڪمانڊوز ۽ 100 اسنائپرز جون خدمتون ورتيون ويون آهن. انتظاميا اسلام آباد جي سمورن وڏن هوٽلن، هاسٽلن ۽ گيسٽ هائوسن کي مهمانن کان خالي ڪرائڻ ۽ عمارتن کي تالا هڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. مارگلا ٽرئلز (2، 3، 4، 5) کي به 20 اپريل کان بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جا 11 هزار کان وڌيڪ اهلڪار شهر ۾ هاءِ الرٽ تي آهن. هي انتظام اهڙي وقت ڪيا ويا آهن جڏهن ايران پاران آبناءِ هرمز ٻيهر بند ڪرڻ بعد صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي، تنهن هوندي به ايراني ڳالهيون ڪندڙ محمد باقر قليباف ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي جو اشارو ڏنو آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد جي ڪامسيٽس ۽ اسلامي يونيورسٽي ۾ ڪلاس آن لائن ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مڊٽرم امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.