تهران/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪي وفد کي ڳالهين لاءِ پاڪستان موڪلڻ واري اعلان باوجود، ايران پاران اڃا تائين نئين دور ۾ شرڪت جي ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي. بي بي سي فارسي جي رپورٽ موجب، ڪنهن به ايراني عهديدار اڃا تائين ان ڳالهه جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو حصو بڻجندو يا نه. ٻئي طرف، ايران جي پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل خابرو ادارن، تسنيم ۽ فارس نيوز، ايران جي شرڪت بابت سخت شڪ جو اظهار ڪيو آهي. تسنيم نيوز ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ايراني ٽيم جو موقف آهي ته جيستائين آمريڪي سامونڊي ناڪابندي برقرار آهي، تيستائين هو ڳالهين جي ميز تي نه ايندا. فارس نيوز پڻ مجموعي صورتحال کي نااميد ڪندڙ قرار ڏنو آهي، تنهن هوندي اڃا تائين سرڪاري طور انڪار ناهي ڪيو ويو.