اسلام آباد/واشنگٽن/تهران (م ڊ) عالمي سياست ۽ سفارتڪاريءَ جي ميدان ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مڃتا ڪرائي ورتي آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو فيصلائتو دور شروع ٿي رهيو آهي. هڪ طرف آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سميت اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي رهيو آهي، ته ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي مڪمل تباهي جي کلي ڌمڪي ڏيندي ڊيل قبول ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي مناسب ڊيل جي آڇ ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اها قبول نه ڪئي وئي ته آمريڪا ايران جي هر پاور پلانٽ ۽ هر پل کي تباهه ڪري ڇڏيندو. صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته، اسان ايران سان اهو ورتاءُ ڪنداسين جيڪو گذريل 47 سالن ۾ ڪنهن به آمريڪي صدر ناهي ڪيو. هن چيو ته اميد آهي ته ايران سولائي سان ڊيل مڃيندو، هاڻي ايراني قاتل مشين جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته هرمز ۾ گوليون هلائڻ جنگ بندي جي ڀڃڪڙي آهي، ايران اسان جو نه پنهنجو نقصان ڪري رهيو آهي. ايران کي روزانو 50 ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي، اهو پاسدارانِ انقلاب جي ڪري ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ اشارو ڏنو ته هو معاهدي تي صحيحن لاءِ پاڻ به اسلام آباد جو دورو ڪري سگهي ٿو، پر سڀ ڪجهه اڄوڪي صورتحال تي ڀاڙي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ جارڊ ڪشنر ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا آهن. نيويارڪ پوسٽ کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ تصديق ڪئي ته اهي ٻئي اهم شخصيتون ايران سان جاري ڳالهين ۾ اڳڀرائي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪنديون. وائيٽ هائوس جي تصديق موجب، ايران سان ڳالهين لاءِ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وچ اوڀر لاءِ خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ صدر جو ناٺي جيرڊ ڪشنر اڄ اسلام آباد پهچندا. آمريڪي ايڊوانس ٽيم اڳ ئي وفاقي گادي واري شهر پهچي انتظامن جو جائزو وٺي رهي آهي. سياسي ماهرن موجب، جيرڊ ڪشنر ۽ جي ڊي ونس جي شموليت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آمريڪا هن معاهدي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي رهيو آهي. آمريڪي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني وفد اڱاري تي اسلام آباد پهچي سگهي ٿو. وفد ۾ پهريان ڳالهين ۾ شريڪ ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ عباس عراقچي سميت ٻيا شامل هوندا. ڳالهين جي حوالي سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. دنيا جي نظرون هاڻي اسلام آباد تي لڳل آهن.
اسلام آباد/واشنگٽن/تهران (م ڊ) ايراني خابرو ادارن موجب، تهران اڃا تائين اسلام آباد وفد موڪلڻ جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو. ايران پنهنجي شرڪت کي آمريڪي سامونڊي ناڪابندي جي خاتمي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ايراني اختيارين جو موقف آهي ته جيستائين آمريڪا پنهنجي سخت ناڪابندي ختم نه ڪندو، تيستائين اهي ڳالهين جي ميز تي نه ايندا، جنهن ڪري اسلام آباد ڳالهين تي غير يقيني صورتحال جا ڪڪر ڇانيل آهن. ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا موجب، ايران ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت کان انڪار آمريڪا جي مڙهيل شرطن ۽ سامونڊي ناڪابندي جي ڪري ڪيو آهي. ايران جي چيف ڳالهيون ڪندڙ ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قليباف انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا سان جاري ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم بنيادي اختلاف اڃا تائين بدستور برقرار آهن. ايراني ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ قليباف چيو ته، اسان حتمي معاهدي کان اڃا ڪافي پري آهيون، ڪجهه نڪتن تي ايران پنهنجي موقف تي قائم آهي جڏهن ته آمريڪا جون پنهنجون ريڊ لائنون آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي سامونڊي ناڪابندي کي جنگ بندي جي کلي ڀڃڪڙي ۽ انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته ايراني آبادي کي اجتماعي سزا ڏيڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هو قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جي نرمي يا سوديبازي نه ڪندا. ايران جي آرمي چيف امير حاتمي سخت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايراني فوج جون آڱريون هن وقت ٽرگر تي آهن ۽ هو دشمن جو آخري ساهه تائين مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهن. هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي عسڪري صلاحيتن ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيو آهي ته جيئن ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي. ٻئي طرف، ايراني ائيرو اسپيس ڪمانڊر پڻ اهم انڪشاف ڪيو آهي ته جاري جنگ بندي واري عرصي جو فائدو وٺندي ميزائل لانچرز جي تجديد ۽ تياريءَ جي رفتار کي اڳي کان وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي.