ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، سعديه جاويد پنهنجي بيان ۾ چيو ته منعم ظفر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه سراسر ڪوڙ ۽ منفي پروپئگنڊا تي ٻڌل آهي، ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي دعويٰ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جماعت اسلامي کي گهرجي ته هو پنهنجي نون ٽائونن ۾ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي، هن چيو ته جماعت اسلامي جي ٽائونن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي جنهن جو جواب جماعت اسلامي کي ڏيڻو پوندو، منعم ظفر جي ناظمي واري دور ۾ جماعت اسلامي تي ڪرپشن جا الزام لڳڻ شروع ٿيا، ميئر ڪراچي جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن جي نااهلي کي پڌرو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ايمانداري جي دعويٰ ڪندڙ جماعت هاڻي پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي، سنڌ حڪومت ۽ بلديه عظميٰ جي ڪم سبب جماعت اسلامي بوکلاهٽ جو شڪار آهي، لياري سميت ڪراچي جي سڀني علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي واضح نظر اچي رهي آهي، ڪوڙا الزام هڻي سياسي قد وڌائڻ جون ڪوششون هاڻي ڪامياب نه ٿينديون، منعم ظفر پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن جماعت اسلامي کي عوام جي پرواهه آهي ته گمراهه ڪندڙ بيان ڏيڻ بند ڪري.