ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر ڪراچي جي بنيادي سهولتن واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر چيو ته شهرين کي پاڻي ۽ گئس جهڙين بنيادي سهولتن لاءِ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هن چيو ته ڪراچي جو انفرااسٽرڪچر انتهائي خراب حالت ۾ آهي، جيڪو ناقابل قبول آهي ۽ فوري سڌارن جي ضرورت آهي، موثر ٽرانسپورٽ نظام نه هجڻ سبب شهرين کي روزاني زندگي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي،100 ملين گيلن پاڻي فراهمي جي دعويٰ کي رد ڪيون ٿا، پيپلزپارٽي حڪومت عوام ڪجهه به ناهي ڪيو، شهر ۾ روڊ رستا تباهه لڳا پيا آهن، شهرين کي سهولتون ڏيڻ جون دعوائون ڪوڙيون آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اربين رپيا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪوڙي آهي، شهر ۾ هر پاسي تباهي آهي، اربين رپيا ڪٿي استعمال ٿيا آهن.