ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف بي ايريا جو 8 ڏينهن کان گم ٿيل واپاري جو لاش مليو، پوليس موجب قتل ۾ ڪو ڌاريو نه پر مقتول جو پنهنجو سئوٽ ملوث نڪتو، رپورٽن موجب ايف بي ايريا جو واپاري ليبارٽري مشينون وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندو هو، سندس گمشدگي بعد پٽ روحان خان جي فرياد تي 13 اپريل تي جوهرآباد ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جاچ کان پوءِ خبر پئي ته مغوي 11 اپريل جي شام پنهنجي سئوٽ فيصل سان گڏ ڪار ۾ نڪتو هو، شڪ جي بنياد تي پوليس سيد فيصل ڪريم کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي، پڇا ڳاڇا دوران حقيقتون سامهون اچي ويون، جوابدار اعتراف ڪيو ته هو ريحان کي منصوبابندي تحت پاڻ سان وٺي ويو ۽ بعد ۾ کيس جوابدار ضياءُ الله عرف نجيب عرف حيدر حوالي ڪيو، جوابدار ٻڌايو ته ضياءُ الله سان گڏ وڌيڪ 3 کان 4 ساٿي به فليٽ ۾ موجود هئا، جتي ريحان تي تشدد ڪيو ويو ۽ کيس فليٽ ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ ضياءُ الله کيس سهراب ڳوٺ پل وٽ لاهي ڇڏيو ۽ هو نيو ڪراچي پنهنجي گهر هليو ويو، فيصل جي نشاندهي تي ابوالحسن اصفهاني روڊ تي واقع بند فليٽ تي ڇاپو هنيو ويو جتان ريحان جو لاش هٿ آيو، ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.