آصف علي زرداري، نواز شريف، شهباز شريف ۽ بلاول جي سياست پس منظر ۾ هلي وئي؟

لاهور(امداد سومرو ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جو ڪردار اهم ٿي ويو آهي، خاص طور تي فِيَلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کان پوءِ سياست ۾ وڏي تبديلي آئي آهي۔ڪجهه تجزيه  نگارن جو خيال آهي ته هاڻي روايتي سياسي قيادت، جهڙوڪ آصف علي زرداري، نواز شريف، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سياست پس منظر ۾ هلي وئي آهي، جڏهن ته اهم ڪردار رڳو رياستي ادارن جو رهجي ويو آهي۔ جڏهن ته  مردان ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ٿي گذريو، جڏهن ته ان کان اڳ 9 اپريل تي به جلسي جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ ملتوي ڪيو ويو۔رپورٽن موجب، ان فيصلي سبب پي ٽي آءِ جي اندروني قيادت تي سخت تنقيد ٿي، خاص طور تي سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين اڳواڻن کي سوشل ميڊيا تي ٽارگيٽ ڪيو ويو۔هڪ اڳواڻ موجب، پارٽي ڪارڪن مسلسل وفاداري ثابت ڪرڻ جي دٻاءَ ۾ آهن، جنهن سبب تنظيم اندر بيچيني وڌي رهي آهي۔تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت پي ٽي آءِ جي فيصلي تي سخت ردعمل ڏنو ۽ چيو ته جلسي جو فيصلو بنا مشاورت ڪيو ويو، تنهنڪري هاڻي انهن کي فني سپورٽ ڏيڻ ممڪن ناهي۔محمود خان اچڪزئي مبينا طور تي پي ٽي آءِ قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته بنا صلاح مشوري فيصلا ڪرڻ جو نتيجو پارٽي کي پاڻ ڀوڳڻو پوندو۔ملاقاتن ۽ سياسي بي اعتمادي جو معاملو رپورٽ موجب 2 ڊسمبر تي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائي وئي هئي، جيڪا حڪومتي ضمانتن تحت ٿي، پر بعد ۾ ان ملاقات کانپوءِ سياسي بي اعتمادي وڌي وئي۔ان کان پوءِ وڌيڪ فيملي ملاقاتون بند ڪيون ويون، ۽ حڪومتي حلقا به پي ٽي آءِ سان ٻيهر سياسي رابطن کان پاسو ڪري رهيا آهنجڏهن ته  ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين دوران پاڪستان عالمي سفارتڪاري ۾ اهم مرڪز بڻجي ويو آهي۔ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي سياسي حڪمت عملي به هاڻي پاڪستان سان ڳنڍيل نظر اچي ٿي، جڏهن ته عالمي ميڊيا ۾ پاڪستان جو ڪردار نمايان ٿي رهيو آهي۔افغانستان سان سرحدي ڇڪتاڻ ۽ فائرنگ جا واقعا به جاري آهن، خاص طور تي وزيرستان ۽ بنو علائقن ۾ سيڪيورٽي حالتون خراب ٿي رهيون آهن۔دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي ذميواري مبينا طور تي “اتحاد المجاهدين” ۽ حافظ گل بهادر گروپ تي وڌي وئي آهي۔ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هاڻي ملڪ ۾ صرف رياستي ادارن جو ڪردار اهم ٿي ويو آهي، جڏهن ته سياسي پارٽين جو اثر گهٽجي ويو آهي۔پر ڪجهه تجزئي نگارن موجب سياست ڪڏهن به مڪمل ختم نٿي ٿئي، اها صرف حالتن مطابق تبديل ٿيندي آهي۔هن مطابق، جڏهن حالتون معمول تي اينديون، تڏهن سياسي پارٽيون ٻيهر سرگرم ٿي وينديون ۽ مقابلو ٻيهر شروع ٿي ويندو۔موجوده صورتحال ۾ پاڪستان عالمي ۽ علائقائي سياست جو مرڪزي نقطو بڻجي ويو آهي، جتي سفارتڪاري، فوجي ڪردار ۽ اندروني سياست گڏ گڏ هلي رهيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.