تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، پر پنهنجو قانوني ۽ جائز دفاعي حق استعمال ڪري رهيو آهي۔هڪ بيان ۾ هن چيو ته سندن بنيادي موقف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي تحفظ تي ٻڌل آهي، ۽ ايران جنگ کي وڌائڻ نٿو چاهي۔صدر جو چوڻ هو ته ايران نه ڪا جنگ شروع ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن تڪرار جي شروعات ڪئي آهي، ۽ هو ڪنهن به ملڪ خلاف جارحيت جو ارادو نٿا رکن، پر پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻ سندن حق آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ کي ڪو به حق ناهي ته هو عوام کي سندن حقن کان روڪي، ۽ نه ئي کيس اهو چوڻ جو حق آهي ته ايران پنهنجي جوهري حقن مان فائدو نه وٺي سگهي۔