هر هنڌ حڪمران اشرافيه جون ناڪاميون وائکيون آهن: فاطما ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) نامياري ليکڪا ۽ تجزئي نگار فاطما ڀٽو پاڪستان جي حڪمران اشرافيا تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن، خاص طور تي ڪراچي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. هڪ انٽرويو دوران هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪراچي ۾ هاڻي پاڻي جهڙي بنيادي شيءِ به شهري انتظاميا جي غفلت سبب انساني جانين لاءِ خطرو بڻيل  آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ايڪس‘ تي هڪ واهپيدارن پاران فاطما ڀٽو جي هن بيان کي سرجاڻي ٽائون جي تازي سانحي سان ڳنڍي پيش ڪيو ويو آهي. سرجاڻي ٽائون ۾ کليل مين هول ۾ ٻه ٻار ڪري پيا هئا، جن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ هڪ امدادي ڪارڪن پڻ حياتي وڃائي ويٺو. هن وڊيو ڪلپ ۾ شهر جي تباهه حال سيوريج سسٽم ۽ کليل گٽرن کي انتظامي غفلت جي وڏي نشاني قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي شهرين ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن فاطما ڀٽو پاران انهن مسئلن تي آواز اٿارڻ جي آجيان ڪئي آهي. واهپيدارن جو سوال آهي ته نيٺ ڪيستائين معصوم شهري اهڙن حادثن جو شڪار ٿيندا رهندا جن کي رڳو ٿورو انتظامي ڌيان روڪي سگهجي ٿو. شهرين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته کليل مين هولن ۽ شهري انفراسٽرڪچر جي خرابي جي ذميوار آفيسرن جو سخت احتساب ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن المين کان بچي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.