ايران جو آمريڪا سان ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت کان انڪار

تهران (م ڊ) ايران آمريڪا سان جاري سفارتي عمل تحت ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران جو موقف آهي ته موجوده  صورتحال ۾، جڏهن آمريڪا بحري ناڪابندي جو اعلان ڪري چڪو آهي، ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ مناسب ماحول موجود ناهي. ايراني اختيارين آمريڪا جي سخت مطالبن کي اڳڀرائي ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏنو آهي. ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده واضح ڪيو آهي ته اڃا تائين ڳالهين جي ڪا به تاريخ طئي ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران اهڙي ڪنهن به عمل جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي جيڪو ناڪامي طرف وڃي. هن چيو ته ”عالمي قانونن کان مٿانهون ڪجهه به تسليم نه ڪنداسين، آمريڪا جي ’وڌ کان وڌ مطالبن‘ واري سوچ معاهدي جي دڳ ۾ رنڊڪ آهي.“ ايران پنهنجو اهو پيغام پاڪستان جي ذريعي آمريڪا تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.