آمريڪا طرفان فيلڊ مارشل نيون تجويزون پهچايون آهن:ايران

تهران  (م ڊ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل آمريڪا سان جاري ڇڪتاڻ ۽ ڳالهين جي حوالي سان اهم تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي تهران جي دوري دوران آمريڪا جون نيون تجويزون پيش ڪيون  آهن. ايراني اختيارين موجب، انهن تجويزن جو هن وقت جائزو ورتو پيو وڃي پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. خابرو ايجنسي ”تسنيم“ موجب، ڪونسل واضح ڪيو آهي ته ايران هن جنگ ۾ پاڻ کي ڪامياب سمجهي ٿو، تنهنڪري آمريڪا کي گهرجي ته هو پنهنجي ضد تان هٿ کڻي زميني حقيقتن موجب مطالبا پيش ڪري. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران آبناءِ هرمز کي رڳو ان صورت ۾ ”واپاري جهازن“ لاءِ کوليندو جڏهن لبنان سميت سڀني محاذن تي جنگ بندي تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي. ايران خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جا خطي ۾ موجود فوجي اڏا ۽ انهن جي سپلاءِ فارسي نار جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. جيڪڏهن دشمن پاران بحري ناڪابندي يا جهازن جي اچ وڃ ۾ رنڊڪ وڌي وئي ته ان کي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو ۽ آبناءِ هرمز کي فوري طور ٻيهر بند ڪيو ويندو. ايراني قيادت پنهنجي عوام کي يقين ڏياريو آهي ته ڳالهين واري ٽيم ملڪي مفادن ۽ قومي عزت تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي ۽ پوري قوت سان پنهنجو موقف برقرار رکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.