پاڪستان ۾ سردار،وڏيرا قابض آهن/قوم جو ڊي اين اي فوج تبديل نٿي ڪري سگهي:جنرل(ر)آصف ياسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دفاع واري اڳوڻي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل(ر)آصف ياسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ اصل مسئلو قيادت جو بحران آهي، جيڪو نظام ٺاهيو ويو، اهو عوام لاءِ نه پر مخصوص طبقن (اشرافيه) لاءِ ٺاهيو ويو۔ عام ماڻهو نه چونڊ ڪندڙ رهيو آهي ۽ نه ئي فيصلا ڪندڙ فيصلا هميشه مٿين طبقي وٽ رهيا آهن،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ عوامي تحريڪن تبديليون آنديون آهن، جهڙوڪ بنگلاديش ۾ بغير ليڊر جي تحريڪ ۽ سريلنڪا ۾ حڪومت جي تبديلي، پر پاڪستان ۾ هميشه ”مضبوط ماڻهو“جي انتظار ۾ رهڻ جي عادت بڻجي وئي آهي،هن چيو ته ڪنهن به وزارت کان پاليسي بابت پڇو ته فائيل ڪڍي مٽي صاف ڪري چوندا ته “هي پاليسي آهي”، پر عملي طور ان تي عمل ناهي ٿيندو۔ پارليامينٽ ۾ جڏهن ووٽنگ ٿيندي آهي ته گهڻن ميمبرن کي خبر ئي نه هوندي ته ڪهڙي ڳالهه تي ووٽ ڏئي رهيا آهن صرف پارٽي لائن تي هلن ٿا”اڪثر ماڻهو چون ٿا ته فوج ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي، پوءِ نظام ڇو نه تبديل ٿيو؟“واري سوال تي جنرل(ر)آصف ياسين جو چوڻ آهي ته فوج به هن ئي سماج مان اچي ٿي،جنرل هجي،ڪرنل هجي يا سپاهي اهو به انهن ئي علائقن مان اچي ٿو، جڏهن فوج اقتدار ۾ ايندي آهي ته عارضي طور تي نظام کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پر آخرڪار اقتدار وري ساڳين سياسي ماڻهن حوالي ڪيو ويندو آهي۔فوج ماڻهن جو “ڊي اين اي” يا سوچ تبديل نٿي ڪري سگهي، قومون ڏهن سالن ۾ نٿيون بدلجن اهو هڪ ڊگهو عمل آهي،فوج 10 سال رهي آهي،12 سال رهي آهي پر وري به اقتدار ۾ ساڳيا خان،وڏيرا،چوڌري،سردار اچي وڃن ٿا،مان اهو نٿو چوان ته فوج کي 15 سال حڪومت ڪرڻ گهرجي،قوم کي تبديلي لاءِ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، هن چيو ته هتي وڏيرا،چوڌري،سردار ،خان،اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن،ان سسٽم کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو اسان جي ڊي اين اي مان نه نڪري سگهيو،هن چيو ته پاڪستان جي جغرافيائي حيثيت انتهائي اهم آهي۔ چين، هندستان، ايران ۽ آمريڪا سڀ پاڪستان ۾ دلچسپي رکن ٿا ڪڏهن مثبت، ڪڏهن منفي انداز ۾۔تاريخي طور سڀ حملا به هن ئي طرفان ٿيا آهن، تنهنڪري پاڪستان کي هميشه سيڪيورٽي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو۔پر ساڳئي وقت هي جاگرافيائي پوزيشن هڪ وڏو موقعو   به آهي، جنهن کي صحيح قيادت استعمال نه ڪري سگهي آهي،هن چيو ته پاڪستان جو وڏو مسئلو پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي۔پاليسيون گهڻو ڪري عارضي سياسي مفادن لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون انهن تي عمل ڪرائڻ جو مضبوط نظام ناهي گهڻا فيصلا بغير پاليسي ڏسڻ جي ڪيا وڃن ٿا پارليامينٽ جا ميمبر به گهڻو ڪري تفصيل نٿا ڄاڻن آصف ياسين جو چوڻ آهي ته پاليسي ٺاهڻ لاءِ مختلف شعبن مان ماڻهن کي شامل ڪرڻ گهرجي—جهڙوڪ ماهر، انجنيئر، زميندار، سماجي اڳواڻ وغيره ته جيئن هڪ جامع پاليسي ٺهي سگهي،هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ معيشت الڳ الڳ ناهن، پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن۔جيڪڏهن عوام خوشحال هوندو معاشي، سماجي ۽ قانوني انصاف ملندو ته ملڪ پاڻمرادو مضبوط ٿيندو۔اصل سيڪيورٽي ماڻهن سان جڙيل آهي، نه صرف فوجي طاقت سان،هن چيو ته ماضي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا جنرل پرویز مشرف جي دور ۾ گريجوئيٽ اسيمبلي جهڙا قدم اعليٰ تعليم لاءِ ادارن جو قيام ميڊيا کي آزادي  ڏني وئي پر بعد ۾ ايندڙ حڪومتن انهن قدمن کي ختم يا ڪمزور ڪري ڇڏيو، جنهن سبب تسلسل نه رهيو۔آصف ياسين موجب مسئلو ڪنهن هڪ اداري يا شخص جو ناهي نظام قومي ڪوشش سان ئي ٺيڪ ٿيندو پاليسي، قيادت ۽ عوامي شعور ٽنهي کي گڏ هلڻو پوندو جيستائين قوم گڏ نه بيهندي، تيستائين ڪو به ادارو اڪيلو پاڪستان جو نظام درست نٿو ڪري سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.