ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر معين علي ڀارتي ليگ آءِ پي ايل ڇڏي پاڪستان سپر ليگ کي ترجيح ڏيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته گذريل آءِ پي ايل سيزن ۾ مان رڳو اڌ ميچون کيڏيون ۽ بيٽنگ جو موقعو به گهٽ مليو، مان وڌيڪ کيڏڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي فارم کي برقرار رکڻ چاهيان ٿو.
هڪ انٽرويو ۾ معين علي چيو ته گذريل سيزن ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز طرفان محدود موقعا مليا، جنهن سبب هن ڀيري آءِ پي ايل کان پري رهيس.
هن چيو ته منهنجي عمر 38 سال آهي ۽ هاڻ به کيڏڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائيندي ڪيريئر کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيان ٿو.
ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ معين علي چيو ته پي ايس ايل جو مختصر دورانيو منهنجي ۽ منهنجي خاندان لاءِ وڌيڪ موزون آهي.
معين علي انڪشاف ڪيو ته مان شروع کان ئي پي ايس ايل کيڏڻ جو خواهشمند هيس پر ليگ جي شيڊيول جي ٽڪراءَ سبب پرڏيهي رانديگرن کي اڪثر هڪ ئي ٽورنامينٽ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي، مان هن ڀيري پي ايس ايل ۾ شرڪت کي ترجيح ڏني.
You might also like