ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ريما بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان يادگار پرفارمنس کي ڪيريئر جو سڀ کان يادگار لمحو قرار ڏئي ڇڏيو.
ريما خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان 2005 جي زي سينما ايوارڊز جو حوالو ڏيندي پڇيو ته لنڊن ۾ ٿيندڙ اسٽيج پرفارمنس جو تجربو ڪيئن هو، جنهن ۾ ريما خان، همايون سعيد، شاهه رخ خان ۽ پريٽي زنٽا سان گڏ حصو ورتو هو.
ريما خان چيو ته اهو منهنجي ڪيريئر جي خوبصورت ترين لمحن مان هڪ هو، هن خاص طور تي شاهه رخ خان جي تعريف ڪندي چيو ته الله پاڪ کيس وڏي عزت سان نوازيو آهي ۽ هو اڄ به بالي ووڊ جو ”ڪنگ“ سمجهيو ويندو آهي.
هن چيو ته اسٽيج تي وڃڻ کان اڳ شاهه رخ خان سان ملاقات به خوشگوار رهي، اها پرفارمنس فلم وير زارا جي مشهور گاني تي هئي، جنهن کي مداحن ڏاڍو پسند ڪيو.
Prev Post
You might also like