ميرپورخاص(نمائندن وٽان) ميرپورخاص ۾ هراسمينٽ کان پريشان ٿي آپگهات ڪندڙ نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي جوڙيل ٽيم ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص پهتي جتي ٽيم فهميده لغاري سان گڏ پڙهندڙ شاگردياڻين ۽ سندس دوستن سميت فهميده لغاري جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل ڪاليج جي پر نسيپال تنوير عالم ڪاليج جي پروفيسر فرزانا جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ ڪاليج جي سي سي ٽي وي فوٽيج، فهميده لغاري جي وارثن ۽ ڪيس ۾ نامزد شاگرد عبدالله پاران ڪاليج جي فارماسسٽ عابد لغاري خلاف انتظاميا کي ڏنل لکت ۾ شڪايتن جو رڪارڊ حاصل ڪيو، ڪاليج جي پرنسپل پروفيسرن ۽ فهميده لغاري جي دوستن جا بيان وٺڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سهائي عزيز چيو ته فهميده لغاري جي ڪيس ۾ خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج اچڻ جاچ جو اهم مرحلو هو ان سلسلي ۾ اسان جي ٽيم ڪاليج آئي آهي جتي اسان فهميده لغاري سان فرسٽ ايئر کان وٺي گڏ پڙهندڙ ڪجھه شاگردياڻين ۽ سندس ڪلاس جي دوستن کان فهميده لغاري جي پريشاني، کيس هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايتن ۽ ڪاليج جي ماحول جي حوالي سان ڳالهھ ٻولهھ ڪئي آهي جڏهن ته ڪاليج جي پرنسپل ۽ پروفيسرن سان به ملاقات ڪري بيان ورتا پرنسپل کان الزام هيٺ آيل فارماسسٽ عابد لغاري جي خلاف شڪايتن جي حوالي سان معلومات وٺڻ تي ڪاليج جي انتظاميا پاران فهميده لغاري ۽ هڪ شاگرد عبدالله پاران فارماسسٽ عابد لغاري خلاف ڏنل درخواستون فراهم ڪيون ويون ان حوالي سان ڪاليج انتظاميا جو چوڻ آهي ته فارماسسٽ عابد لغاري جو پڙهائڻ سان ڪو تعلق نه هو سندس خلاف پئسا طلب ڪرڻ جي شڪايتن تي کيس معطل ڪيو ويو هو، هن چيو ته سي سي ٽي وي فٽيجز حاصل ڪيا آهن جن کي ڏسڻ بعد خبر پوندي عابد لغاري ڪلاس ۾ پڙهائيندو هو يا نه، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فهميده لغاري جو موبائيل فون هٿ ڪيل آهي جنهن جي فرانزڪ رپورٽ لاءِ موڪليو ويو آهي، فهميده لغاري جي فون مان اڃا تائين اسان کي ڪجھه ناهي مليو، ڇاڪاڻ ته فون جي فرانزڪ ۾ وقت لڳي ٿو، فون ۾ موجود رڪارڊ پاسورڊ جي ڪري محفوظ آهي، جنهن تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو، هي هڪ اهم جاچ آهي هڪ نياڻي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪيو آهي ان حساس معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، في الحال ان تي ڪو به تبصرو نه ٿا ڪري سگهون.
فهميده لغاري واقعي تي خير النساءِ مغل جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي
ميرپورخاص: صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ بين الصوبائي رابطا ۽ ڪو آپريٽو ڊپارٽمينٽ جي پارلياماني سيڪريٽري خير النساءِ مغل ڊاڪٽر فهميده لغاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ايس ايس پي آفيس ميرپورخاص ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه ۽ آئي جي سنڌ پوليس پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي سربراهه ايس ايس پي ٽيڪنيڪل اينڊ فرانزڪ سي ٽي ڊي سهائي عزيز ٽالپر، ايس ايس سجاول علينا راڄپر، انسپيڪٽر فياض حسين، آءِ او ڪامران هاليپوٽو، ابن سينا يونيورسٽي ۽ محمد ميڊيڪل ڪاليج جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد رضي محمد، ڊاڪٽر فرزانه، وائيس چانسلر ميرپورخاص يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد رفيق ميمڻ، رجسٽرار پيرسهيل جان سرهندي، سول سوسائٽي جي محمد بخش ڪپري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، خيرالنساءِ مغل چيو ته پيپلز پارٽي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي هتي آئي آهيان ته جيئن وارثن کي مڪمل انصاف ملي سگهي ۽ شفاف جاچ ڪرائي سگهجي، هي هڪ تمام افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميه هن واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تي سنجيده آهي.
خالده چانڊيو مسئلي تي مون فيصلو ناهي ڪيو:وڏيري نبن جو بيان
خيرپور(ڊ ر)خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري خالده عرف روبينا چانڊيو جي واقعي ۾ الزام هيٺ آيل وڏيري نبن خان چانڊيو جو وڊيو بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن کان منهنجي خلاف خبرون هلن پيون ته ناري روبينا چانڊيو واري مسئلي جو وڏيري نبن فيصلو ڪيو اسان کي پاڻ افسوس آهي ناري جي قتل تي جيڪي ماڻھو هتان ڇوڪري کي اغوا ڪري کڻي واقعو ڪيو آهي اهو ناري جي پيءُ کي خبر آهي انهن کڻي وڃي قيصر کي ڏنائون جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي جيڪڏهن ڇوڪري منهنجي هٿ تي ڏين هان جرڳو ٿئي هان ته ايڏو وڏو ظلم نه ٿئي ها ان معاملي جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي جيڪڏهن فيصلو ٿئي ها ته ايترو ظلم نه ٿيڻ ڏيون ها.
ڪنهن دٻاءُ يا ڌمڪي آڏو ڪمزور نه ٿينداسين: مهڪ لغاري
ميرپورخاص: ڊاڪٽر فهيمده لغاري جي ننڍي ڀيڻ مهڪ لغاري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو اڄ شام پنجين وڳي پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿيندڙ اهم احتجاجي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هو هڪ اهم قدم کڻڻ وڃي رهيا آهن ۽ سڀني يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي دعوت ڏئي ٿي ته اچي سندن ساٿ ڏين، هن چيو ته هو ڪنهن به دٻاءُ يا ڌمڪي آڏو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندا، نه ئي خاموش رهندا ۽ پنهنجي عزت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندا، مهڪ لغاري وڌيڪ چيو ته هي رڳو احتجاج نه پر هڪ تحريڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي هر غيرت مند مرد ۽ بهادر عورت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته اچي گڏ ٿي ثابت ڪن ته هاڻي اسان جون نياڻيون ڪمزور ناهن، اڄ شام پنجين وڳي پريس ڪلب ڪراچي ۾ توهان جي موجودگي اسان جي طاقت هوندي. ميرپورخاص: ڊاڪٽر فهيمده لغاري جي ننڍي ڀيڻ مهڪ لغاري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو اڄ شام پنجين وڳي پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿيندڙ اهم احتجاجي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هو هڪ اهم قدم کڻڻ وڃي رهيا آهن ۽ سڀني يونيورسٽين /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7 جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي دعوت ڏئي ٿي ته اچي سندن ساٿ ڏين، هن چيو ته هو ڪنهن به دٻاءُ يا ڌمڪي آڏو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندا، نه ئي خاموش رهندا ۽ پنهنجي عزت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندا، مهڪ لغاري وڌيڪ چيو ته هي رڳو احتجاج نه پر هڪ تحريڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي هر غيرت مند مرد ۽ بهادر عورت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته اچي گڏ ٿي ثابت ڪن ته هاڻي اسان جون نياڻيون ڪمزور ناهن، اڄ شام پنجين وڳي پريس ڪلب ڪراچي ۾ توهان جي موجودگي اسان جي طاقت هوندي.
فهميده ۽ روبينا چانڊيو جي قاتلن کي وائکو ڪري سزا ڏني ويندي: ضيا لنجار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو آهي ته صوبي ۾ ڪارو ڪاري جهڙا پراڻا ۽ ظالماڻا واقعا قبول ناهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ امن ۽ سلامتي جي ڌرتي آهي ۽ هتي ڪنهن به بيگناهه ڌيءَ کي ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث بااثر ماڻهن ۽ جوابدارن کي قانون موجب سخت سزائون ڏياريون وينديون. هن جرڳن جي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ٻڌل ڪنهن به جرڳي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته سينئر پوليس آفيسر سهائي عزيز انهن واقعن جي شفاف جاچ ڪندي ته جيئن مقتولن کي انصاف ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته فهميدا ۽ روبينا چانڊيو جي قاتلن کي وائکو ڪري سزا ڏني ويندي.
هجوم آڏو قتل ڪيل خالده چانڊيو جي امڙ جو احتجاج، دانهون
خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻُٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري خالده عرف روبينا چانڊيو جي امڙ نبُل خاتون جو پاڪ ڪتاب قرآن پاڪ کڻي احتجاج ۽ دانھون ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ۾ بيدردي سان ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيل ناري جي امڙ دانهون ڪندي چيو آهي ته صدام، سليم ، مُحب علي، ارباب علي ، نواب علي ۽ ٻيڙل کي ڦاسي ڏني وڃي، هنن منهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد مون کي مُنهن به نه ڏيکاريو نياڻي به مُنهنجي کي ماريو ويو ۽ مون کي مُنهن به نه ڏيکاريئون، اهڙو ظلم ڪڏهن نه ٿيو آهي جيڪو هنن مون سان ڪيو آهي ٻه قرآن پاڪ اٿئو مون سان ڏاڍن وڏو ظلم ڪيو آ جيڪو به ڪيو آ مونسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ھاشم هڪڙو ڪيو آ پوليس پئسا وٺي منهنجي نياڻي بنا ڪفن ۽ غسل جي پوري اٿن ڇو مون سان ايڏو وڏو ظلم ڪيو ويو مون سان حق ۽ انصاف ڪيو وڃي.