ڪشمور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پورهيت قتل

ڪشمور(ڊر)ڪشمور ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند ڦورن جي سبزي منڊي وچ شهر ۾ ڪاھ صادق آباد واسي پورھيت ڪريانا دڪاندار چوڌري قمر پنجابي ڦر دوران مزاحمت  ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪشمور پوليس دير سان پهتي جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڪشمور ٿاڻي ڀرسان وچ شهر ۾ سبزي مارڪيٽ ۾ قائم ڪريانا دڪان تي ھٿياربندن صبح جو سٿ وڳي چڙهائي ڪري صادق آباد واسي پورھيت قمر پنجابي کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن چاقو ۽ گوليون هڻي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، ڪشمور پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي مارجي ويل صادق آباد واسي قمر پنجابي جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد صادق آباد روانو ڪيو ويو وارثن جو ڪو موقف سامهون نه اچي سگهيو ڪشمور پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ سميت شھر ۾ وڌندڙ بدامني روڪڻ م مڪمل طور ناڪام بڻيل مقتول جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.