ٻارڻ مهانگو ٿيڻ باوجود کپت ۾ واڌ:تيل ۽ گئس جو بحران وڌڻ جو خدشو

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم ڊويزن جي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي فراهمي تي وڌيڪ ناڪاري اثر پوندا. سينيٽر منظور ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ تيل جي ذخيرن ۽ درآمدي گئس جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجون اڪثر پيٽروليم شيون نار وارن ملڪن مان گهرائيندو آهي. موجوده صورتحال ۾ قطر مان گئس جي مڪمل فراهمي بحال ٿيڻ ۾ 2 کان 3 سال لڳي سگهن ٿا. اختيارين انڪشاف ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ موجود تيل جو اسٽاڪ رڳو هڪ مهيني لاءِ ڪافي آهي.  بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي باوجود ان جي استعمال ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي. اختيارين موجب، گئس جي کوٽ کي گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن گئس جي کوهن مان سڌي ريت گئس قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وڃي. حڪام جو چوڻ هو ته چين جي تيل جو 45 سيڪڙو گذرگاهه به هن ئي علائقي مان آهي، تنهنڪري عالمي سطح تي تڪرار جو اثر وڏو ٿي سگهي ٿو.

وفاقي وزير جي بجلي لوڊشيڊنگ تي معذرت، اڄ بهتري ايندي:اويس لغاري

اسلام آباد (بيورو) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري اڄ کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو،  پريس ڪانفرنس دوران اويس لغاري چيو ته عوام کي بجلي جي صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، لوڊشيڊنگ سبب ٿيندڙ تڪليف تي معذرت خواهه آهيون، اسان هميشه عوام کي اونداهين مان ڪڍيو آهي، هن اعلان ڪيو ته گذريل رات کان اڄ رات تائين بجلي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي ۽ لوڊشيڊنگ ۾ واضح گهٽتائي ايندي، وزير توانائي چيو ته حيدرآباد ۽ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وئي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ کان رڪارڊ 2100 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته هن وقت ملڪ کي 4000 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ آهي، جنهن جا اهم سبب آبناءِ هرمز جي بندش سبب گيس جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ۽ پن بجلي جي پيداوار ۾ 1600 ميگاواٽ گهٽتائي آهن، اويس لغاري چيو ته ايل اين جي جي معطلي سبب فيول ۾ کوٽ پيدا ٿي، جڏهن ته پن بجلي ۾ به لڳ ڀڳ 1600 ميگاواٽ جي گهٽتائي آهي ۽ ايل اين جي نه ملڻ سبب 3000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي گهٽ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته اپريل مهيني ۾ بجلي گهرج 9000 کان 20000 ميگاواٽ تائين رهي، جڏهن گهرج ساڍا 16000 ميگاواٽ کان وڌي ٿي ته لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته پن بجلي جي پيداوار وڌڻ سان لوڊشيڊنگ ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته گيس جي کوٽ ۽ وچ اوڀر جنگ کانپ وءِ صورتحال وڌيڪ متاثر ٿي آهي، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برابر لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

عوام لاءِ ٻيو مهانگائي بم تيار، گئس اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ملڪ ۾ گئس واهپيدارن لاءِ هڪ وڏي مهانگائي جو اشارو سامهون آيو آهي، جتي سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپنين پهرين جولاءِ  کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ اوگرا ۾ باضابطا درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. دستاويزن موجب، سوئي سدرن گئس ڪمپني گئس جي سراسري قيمت ۾ 5306 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو تائين وڏي واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪمپني گئس جي نئين سراسري قيمت 6855 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن 956 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪري سگهجي ۽ گذريل نقصانن جو پورائو ٿي سگهي. ٻئي پاسي، سوئي ناردرن پاران اوسط گئس قيمت 1784 رپيا 50 پئسا مقرر ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، جنهن ۾ 585 ارب رپين جو گذريل شارٽ فال پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ٻنهي ڪمپنين مجموعي طور تي 1650 ارب رپين جي خساري جو ڪاٿو پيش ڪيو آهي. آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي اوگرا انهن درخواستن تي 21 ۽ 22 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي، جنهن کانپوءِ گئس جي قيمتن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

معاشي اثرن جو بار مهانگائي جي صورت ۾ عوام کڻي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايران ۾ جاري جنگ جا سڄي دنيا سميت  پاڪستان تي به معاشي اثر پيا آهن، پر سنڌ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته جنگ سبب وڌندڙ مهانگائي جو بوجھ عوام تي پئجي رهيو آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ صوبائي حڪومت مختلف رليف پيڪيجز تي عمل ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي درخواست تي سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرز کي سبسڊي ڏني آهي ته جيئن مسافرن تي ڪراين جو بار نه پوي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙن لاءِ ’پيپلز فيول سبسڊي‘ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ غريب گهرڻن کي بجلي جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مفت ’هوم سولر ڪٽس‘ فراهم ڪيون پيون وڃن. چيئرمين پي پي پي وڌيڪ چيو ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ آبادگارن کي مالي مدد ڏني پئي وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قيادت جي سفارتي ڪوششن سان خطي ۾ جنگ جو خاتمو ٿيندو ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري ايندي.

49 هزار ميگاواٽ پيداوار هوندي ملڪ اونداهي ۾ ٻڏي ويو: حافظ نعيم

لاهور (بيورو) ملڪ ۾ جاري بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ تي سياسي اڳواڻن پاران حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو  آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي بجلي پيداواري صلاحيت 49 هزار ميگاواٽ هجڻ باوجود عوام کي بجلي ميسر ناهي، جيڪا سراسر حڪومتي نااهلي آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن تيل ۽ گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي ته ٻين ذريعن مان بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر لڳي ٿو ته پيداواري صلاحيت رڳو آءِ پي پيز کي نوازڻ لاءِ وڌائي وئي هئي. هن چيو ته آءِ پي پيز بجلي پيدا ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ هزارين ارب رپيا وصول ڪري رهيون آهن، جنهن جو فائدو صرف انهن ڪمپنين کي ۽ نقصان عوام کي ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي، جي يو آءِ (ف) جي ترجمان اسلم غوري لوڊشيڊنگ کي عوام تي ظلم قرار ڏيندي چيو آهي ته جنگ کان متاثر ملڪن ۾ به اهڙي صورتحال ناهي هوندي جهڙي پاڪستان ۾ پيدا ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو، سيلينڊرن جا اگهه وڌي ويا

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ گئس جي بحران ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ متبادل طور استعمال ٿيندڙ گئس  سيلينڊرن جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن. رپورٽ موجب، شهر ۾ گئس جي بندش کانپوءِ ماڻهن سيلينڊرن جي دڪانن جو رخ ڪيو، پر اتي وڌيل قيمتن شهرين کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. مارڪيٽ ۾ فائبر جا سيلينڊر 5 ڪلو کان 13 ڪلو تائين ساڍا 7 هزار کان ساڍا 13 هزار رپين ۾ ملي رهيا آهن، جڏهن ته لوهي چادر وارا ننڍا سيلينڊر 1200 کان 5 هزار رپين تائين وڪرو ڪيا پيا وڃن. شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ طرف گئس نٿي اچي ۽ ٻئي طرف مهانگائي کين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بزرگ عورت روئيندي دانهن ڪئي ته حڪومت کي عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته گئس جي فراهمي بحال ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.