تهران (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي فوجي تنظيم خاتم الانبيا سينٽرل هيڊڪوارٽر پهتو جتي اعليٰ فوجي قيادت سان ملاقات ٿي، ايراني ميڊيا موجب خاتم الانبيا هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبداللهي فيلڊ مارشل عاصم منير جو استقبال ڪيو، ان کان اڳ فيلڊ مارشل عاصم منير تهران ۾ ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.