سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام آڻڻ ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا ان تي الڳ انتظامي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان رد ڪيو ويندو، اهڙا قدم سنڌ جي وحدت، آئيني حقن ۽ وسيلن تي سڌي حملي جي برابر آهن، ڪراچي سنڌ جو دل آهي، جيڪو نه صرف صوبي جي معيشت جو وڏو مرڪز آهي پر لکين ماڻهن جي روزگار جو اهم ذريعو به آهي. ان کي الڳ ڪرڻ يا ان جي اختيارن کي محدود ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ اڳ ئي ڪيترن ئي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن ۾ بيروزگاري، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ، زرعي بحران، تعليم ۽ صحت جي خراب صورتحال، ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ وڌندڙ بدامني شامل آهن، اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انتظامي تڪرار پيدا ڪرڻ عوام سان ناانصافي آهي، هن الزام لڳايو ته وسيلن جي ورهاست ۾ سنڌ سان مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي، جنهن سبب عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي سنڌ واسين جو پهريون حق آهي ۽ ان حق کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو ويندو.